رياستي مفاد عوامي مفاد کان مٿانهون ناهي ،شهيد کي ڀيٽا پيش

شهدادڪوٽ (شاهد اعواڻ) سنڌ سيڪيولر اسٽڊي فورم طرفان پرڳڻي جي جاکوڙي امر ڪردار شهيد نذير عباسيءَ جي 39هين ورسي جي سلسلي ۾ ليبر هال ۾ تقريب سڏائي وئي، جنهن ۾ مختلف سياسي، سماجي ڌرين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ شهيد نذير عباسيءَ جي جدوجهد کي سلام پيش ڪندي وچن ورجايو ويو ته سندس جدوجهد جي تسلسل کي جاري رکڻ لاءِ سياسي ڪارڪن نئين سر صف بندي ڪندي اڳتي وڌندا. تقريب جي خاص مهمان کاٻي ڌر ۽ هارين جي تحريڪ جي جهوني اڳواڻ صوفي عبدالخالق بلوچ چيو ته عوام جي اهميت ٽڪي واري بلڪل نه آهي، عوام کي گونگو ۽ ٻوڙو سمجهندڙ ڀليل آهن، معاشري اندر ماڻهن جي تڙپ ڏسي لڳي رهيو آهي ته هاڻ ماڻهن جو گڏجڻ گهڻو پري نه هوندو. اسان کي جمهوري، قومي ۽ انساني حقن جي جدوجهد کي هر صورت ۾ جاري رکڻو آهي. شهيد نذير عباسي جي ڪردار کي ڏسي عهد ڪرڻو آهي ته پنهنجا سينا سپر ڪري عوام وٽ وڃي تنظيم ڪاري ڪبي. هن چيو ته 70ع واري ڏهاڪي جي جدوجهد کي ڏسي اهو لڳي رهيو آهي ته هاڻوڪي جدوجهد تبديل ٿيندي پٺتي وڃي رهي آهي.

تڏهن اسان چار ماڻهو ڳورا هوندا هئاسين اڄ تعداد وڌڻ باوجود جدوجهد سگهاري نه ٿي ٿئي. هن چيو ته اسان جا سمورا شهيد تبديلي جا شهيد آهن. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بلوچستان جي جبلن ۾ شهيد ٿيندڙ به اسان جا آهن. کنڀي گم ڪيل ماڻهن جا مالڪ به اسان ئي آهيون. هن چيو ته فيصلو ڪندڙن اسان کي سمورن پاڙيسري ملڪن سان اختلافن جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي. سمورين ملڪي سطح جي سياسي پارٽين کي ڌڪ رسائي صوبائي سطح جو بڻايو پيو وڃي. ملڪ اندر اڳ جهڙن سانحن واري تاريخ ورجائڻ جهڙيون حالتون پيدا ڪيون پيون وڃن. هو اهو سمجهي رهيا آهن ته اسين سندن سامهون بيهڻ ۽ کين اکيون ڏيکارڻ جهڙا نه رهيا آهيون. رحيم بخش جعفري چيو ته شهيد نذير عباسي جي جدوجهد ختم نه ٿي آهي، هن وقت اڃا به حالتون ڏکيون ٿي رهيون آهن. اسٽيبلشمينٽ ماڻهن کي پنهنجي بيانيي ڏانهن راغب ڪرڻ ۾ رڌل آهي ۽ افسوس آهي جو ماڻهو به ان کي ٻڌڻ لڳا آهن. حڪمرانن کان هاڻ جمهوريت، ملڪي ترقي، ماڻهن جي خراب حالت وارا معاملا ۽ مسئلا وسري ويا آهن، سمورا وسيلا رياست جي بچاءَ تي لڳايا ويا آهن، هيٺين سطح تي صوبائي ۽ مقامي ادارا به ماڻهن هٿان تباهه ڪيا پيا وڃن. اڳ واري صورتحال جي ابتڙ اصل حاڪم هاڻ پاڻ کي سرعام پڌرو ڪري رهيا آهن. انهن لاءِ عوام بدران اهميت رياستي مفاد آهن. ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت، ترقي، قومي حقن جي حاصلات لاءِ گڏجڻ گهرجي. عوام کي هاڻ واضع ڪرڻو پوندو ته اهي اسٽيبلشمينٽ جي بيان يا عوام جي حڪمراني واري بيان سان گڏ بيٺل آهن. پاڪستان ٽريڊ يونين ڊفينس ڪمپين سنڌ جي صدر انور پنهور چيو ته ڪامريڊ نذير عباسي نظرئي، ماڻهن ۽ ڌرتي سان مخلص هو. هن ڌمڪين ملڻ باوجود انقلاب جو رستو نه ڇڏيو. هن چيو ته موجوده سماج مشڪل ترين سماج آهي. پاڪستان ۾ شهيدن جي ڊگهي فهرست آهي جن منجهان سر موڙ شهيد نذير عباسي جي جدوجهد غريب طبقن لاءِ هئي. هن چيو ته کاٻي ڌر جي ماڻهن وچ ۾ اتحاد ٿيڻ جي پيش ڪيل تجويز ڪارائتي آهي جنهن لاءِ ايجنڊا ٺاهڻ جي ضرورت آهي. جهوني تعليمي ماهر ڪنعيا لعل گربخشاڻي چيو ته شهيد نذير عباسي ترقي پسند سوچ جو مالڪ هو. ممڪن آهي ته ان کي سازش تحت مارايو ويو هجي جنهن ۾ اسان جا پنهنجا به ملوث هجن. هن چيو ته عمل کان بغير سٺي سوچ ڪنهن ڪم جي نه آهي. سنڌ مان عمل جو جهان گهڻو تڻو موڪلائي ويو آهي. اسان ڳالهيون ته ڪريون ٿا پر پاڻ ۾ لايون نه ٿا. پنهنجي اندر کان بغير ڪيون ويندڙ ڳالهيون ٺللهيون ئي هونديون آهن. هن چيو ته سنڌ جي حالت خراب ٿي وئي آهي. جيئن مان ماضيءَ  ۾ سنڌ کي ڏٺو، هاڻ ته ان جي هڪ جهلڪ به اوهڙي نه آهي. سڄي ڪائنات تحرڪ ۾ آهي پر اسان منجهان تحرڪ بلڪل موڪلائي ويو آهي. سنڌ مزاحمت جو نالو آهي پر سنڌ مان مزاحمت ختم ٿي وئي آهي. اختلاف رکڻ ۽ مزاحمت کانسواءِ سماج بي معنيٰ هوندو آهي. هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو سجاڳ آهن پر انهن کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڪا پارٽي نه آهي. اميد گهٽ آهي پر اسان کي تحرڪ لاءِ ڪوشش ضرور ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسان کي ادارا ٺاهڻ گهرجن، ضروري نه آهي ته سرڪار ۽ پارٽيون ئي ادارا ٺاهن، ماڻهو پاڻ به ننڍا ننڍا ادارا ٺاهي سگهي ٿو. اسان کي خاص طور تعليم بهتر ڪرڻي آهي. سرڪاري تعليمي ادارن جو ته حال پورو آهي پر خانگي تعليمي ادارا به هَٽَ ٺهيل آهن. سماجي اڳواڻ وهاب پندراڻي صدارتي خطاب ڪندي چيو ته سماج اندر وڏي سطح جي مايوسي آهي جنهن جي خاتمي لاءِ هن قسم جا پروگرام اهميت رکن ٿا. اسان شهيد نذير عباسي جي ڏسيل دڳ تي هلندي جاکوڙينداسين. اسان کي مايوسي بلڪل نه آهي. وقتي طور تي ٻه قدم پوئتي ڪرڻا پوندا آهن پر هر ڪنهن کي سمجهڻ گهرجي ته عوام ئي سڀ کان وڏي قوت آهي. اسان جلد اسٽڊي سرڪل شروع ڪندي مختلف موضوعن تي ليڪچر ڪرائينداسين. تقريب کي فضل حيدري، ڪامريڊ عرس سيلرو، رستم جمالي، سڪندر سيلرو به خطاب ڪيو. جڏهن ته فقير هدايت الله کوسو انقلابي گيت ٻڌايا.

پهنجو تبصرو موڪليو