روڊ حادثي ۾ هڪ عورت سميت 2 ڄڻا فوت، 3 ٻيا زخمي

ٻانڌي (ن س) روڊ حادثي ۾ هڪ عورت سميت 2 ڄڻا فوت، 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.خانڻ شاهه اسٽاپ وٽ ڪار، چنگچي رڪشا ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ ٽواڻو ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ رڪشا سوار شاهپور چاڪر واسي نوجوان زوار حسين چانگ ٿڏي تي فوت ٿي ويو. جڏهن ته موٽر سائيڪل سوار جيڪب آباد واسي عيسيٰ بروهي، سندس گهرواري ارم بيبي ۽ سندن ٻه پٽ نثار ۽ اسرار زخمي ٿي پيا، جن کي ٻانڌي پوليس اسپتال منقتل ڪيو. زخمي عورت ارم بيبي زخمن جا تاب نه سهندي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته ٻين زخمين کي ٻانڌي اسپتال کان نواب شاهه ريفر ڪيو ويو .

پهنجو تبصرو موڪليو