روڊ حادثي ۾ سپاهي ۽ دل جي دوري سبب ڪائونسلر فوت

گهارو ( رپورٽ بشام جوکيو) گهارو ٿاڻي جو سپاهي ظهور احمد راهو ڊيوٽي دوران موٽر سائيڪل سوارن جي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ فوت ٿي ويو. جنهن کي رورل هيلٿ سينٽر گهارو آندو ويو جتي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، سندس جنازي نماز پوليس هيڊ ڪوارٽر ٺٽي ۾ پڙهائي وئي ايس ايس پي ٺٽو ۽ ٻين عملدارن جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي، جنهن کان پوءِ جنازو پوليس پروٽوڪول ۾ نوابشاهه سندس اباڻي ڳوٺ روانو ڪيو ويو. ٻئي پاسي گهارو شهر جو معزز اڳوڻو ڪائونسلر غلام محمد ملاح دل جي دوري پوڻ سبب فوت ٿي ويو. جنهن جي جنازي نماز ٽائون ڪميٽي گهارو ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ اڳوڻو ايم پي اي ساڪرو سيد امير حيدر  شاھ شيرازي، اڳوڻو تعلقي ناظم عبدالغني بگهياڙ ۽ شهر جا معززين، صحافين، شهرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي بعد ۾ مقامي قبرستان بچل شاھ بخاري ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو