روينيو ملازمن جا مطالبا منظور، احتجاج ختم،ڪميٽي قائم

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ جي روينيو ملازمن ۽ سنڌ حڪومت ۾ ڳالهيون ڪامياب، ٻن مهينن ۾ مطالبا منظور ڪرڻ جي لکت ۾ ڪرايل خاطري بعد ملازمن احتجاج ختم ڪري ڇڏيو. سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روينيو ملازم آفيسون بند ڪري هڪ هفتي کان احتجاج ڪري رهيا هئا ۽ سينئر آفيسر به سندن مطالبن جي حمايت ڪري رهيا هئا. جنهن بعد چيف سيڪريٽري سنڌ جي هدايت تي هوم سيڪريٽري جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميٽي حيدرآباد پهچي ڪمشنر هائوس ۾ روينيو ملازمن جي نمائندن سان ڳالهيون ڪيون. ڳالهين ۾ روينيو ملازمن جا 7 مطالبا ٻن مهينن ۾ پورا ڪرڻ جي خاطري بعد روينيو ملازمن احتجاج جو سڏ واپس وٺي ڇڏيو. چيف سيڪريٽري سنڌ پاران گهرو کاتي جي سيڪريٽري قاضي ڪبير جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي وئي هئي جنهن ۾ ڪمشنر حيدرآباد محمد عباس بلوچ به شامل هو جڏهن ته ڳالهين جي موقعي تي ڊي سي حيدرآباد سيد اعجاز علي شاهه، ڊي سي ڄامشورو ڪيپٽن رٽائرڊ فريد الدين مصطفي ۽ ڊي سي ٽنڊوالهيار رشيد احمد زرداري به موجود هئا. آل روينيو سنڌ ايمپلائيز ايسوسيئيشن پاران مرڪزي صدر سيد سردار علي شاهه ۽ نائب صدر امجد لاشاري ڪميٽي سان ڳالهيون ڪيون. ڪميٽي پاران روينيو ملازمن جي مطالبن جي مڃتا واري معاهدي تي هوم سيڪريٽري، ڪمشنر، آل روينيو سنڌ ايمپلائيز ايسوسيئيشن جي مرڪزي صدر ۽ نائب صدر جون صحيحون ٿيل آهن. سنڌ سرڪار جي ڪميٽي جي سربراهي ڪندڙ قاضي ڪبير روينيو ملازمن کي ٻڌايو ته روينيو الائونس واري سمري ناڻي کاتي مان نڪري سنڌ ڪابينا کي اماڻي وئي آهي، جيڪا جلد ئي منظور ٿي ويندي. گڏجاڻي ۾ اهو طئه ڪيو ويو ته روينيو ملازمن جي گڏيل سينارٽي لسٽ کي جدا ڪيو ويندو، جڏهن ته تپيدارن کي ملندڙ گهوڙا الائونس بدران ڪنوينس الائونس ڏنو ويندو. روينيو ملازمن جي چارٽر آف ڊمانڊ ۾ شامل ٻين مسئلن جي جائزي ۽ مڃتا لاءِ هڪ ڪميٽي قائم ڪئي وئي جنهن جو سربراهه ڊي سي ڄامشورو ڪيپٽن رٽائرڊ فريد الدين مصطفي کي مقرر ڪيو ويو ۽ ان ڪميٽي ۾ ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊو الهيار رشيد احمد زرداري، او ايس ڊي / ريڊر بورڊ آف روينيو شفيق احمد سومرو ملازمن پاران آل روينيو سنڌ ايمپلائيز ايسوسيئيشن جو صدر سيد سردار علي شاهه ۽ نائب صدر امجد لاشاري کي ڪميٽي جو ميمبر مقرر ڪيو ويو. اها ڪميٽي سفارشون پيش ڪندي جيڪي چيف سيڪريٽري کي اماڻيون وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو