روس ۽ سعودي ۾ تيل جي جنگ، قيمت گهٽ، اسٽاڪ ۾ مندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۽ روس ۾ تيل جي پيداوار تان شروع ٿيل جنگ سبب عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمت ۾ 22 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي ۽ امڪان آهي ته پاڪستان ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 20 روپيا في لٽر گهٽتائي ڪئي ويندي. سعودي عرب جيڪو تيل پيدا ڪندڙ 14 ملڪن جي تنظيم اوپيڪ جو اهم ميمبر آهي تنهن روس کي پيشڪش ڪئي ته دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب صنعتي پيداوار متاثر ٿي آهي ايئر لائنز انڊسٽري سخت متاثر ٿي آهي ان ڪري تيل جي پيداوار گهٽ ڪئي وڃي جيئن عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمت برقرار رکي سگهجي. صدر پيوٽن تيل جي پيداوار گهٽائڻ کان انڪار ڪيو جنهن بعد اوپيڪ به تيل جي پيداوار گهٽائڻ کان انڪار ڪيو. جنهن سبب مارڪيٽ ۾ تيل جي کپت گهٽ هجهڻ سبب قيمتون 35 ڊالر في بيرل تائين ڪري پئي. جيڪا 1991 جي نار واري جنگ بعد ايترو گهٽ سطح تي آيون آهن. تيل جي قيمتن گهٽ ٿيڻ سبب دنيا جي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ زبردست مندي ٿي وئي آهي ۽ پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ به ڪريش ڪري وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو