روس تي ڪورونا ويڪيسن جي معلومات چورائڻ جو الزام

لنڊن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا، ڪئناڊا ۽ برطانيه گڏيل بيان ۾ روس تي ڪورونا وائرس جي ويڪسين بابت معلومات چوارائڻ جو الزام لڳايو آهي. روس سندن اهڙو الزام رد ڪري ڇڏيو آهي. ٽنهي ملڪن جو چوڻ آهي ته روسي ڳجهي اداري لاءِ ڪم ڪندڙ هيڪرز گروپ (اي ٽي پي 29) جنهن ڪوزي بيئر به سڏيو وڃي ٿو، ان تي الزام لڳايو آهي ته هن دنيا جي مختلف دواساز ڪمپنين ۽ تحقيقي ادارن جي معلومات چوري ڪئي آهي. اهڙو الزام روس جي ان اعلان کانپوءِ سامهون آيو آهي جنهن ۾ روس  ڪورونا ويڪسين جي انسانن تي تجربو شروع ڪرڻ ۽ 18 رضا ڪارن تي آزمائڻ بعد ڪامياب نتيجن جو اعلان ڪيو هو. روس 15 جولاءِ تي اهڙو اعلان ڪيو جنهن بعد برطانيا جي نيشن سائبر سيڪيورٽي سينٽر 16 جولاءِ تي روس تي معلومات چوري ڪرڻ جو الزام لڳايو.

پهنجو تبصرو موڪليو