روز مرھ واھپي جي شين جا اگهه آسمان کي ڇھڻ لڳا

صالح پٽ (رپورٽ نياز مھر )عيد ويجهي اچڻ تي صالح پٽ ۾ روز مرھ جي واھپي جي شين جا اگهه آسمان کي ڇھڻ لڳا مرغي 500 کان 540 روپيا في ڪلوگوشت جو اگهه عريب جي پھچ کان ٻاهر سبزي فروٽ جو اگھ ب چوٽ چڙھيل .انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل عيد ويجھي اچڻ تي صالح پٽ ۾ روز مرھ جي واھپي جي شين جو اگھ آسمان کي ڇھڻ لڳومرغي 500 کان 540 روپيا ڪلو گوشت جو اگھ به غريب جي پھچ کان مٿي ٿي ويو آهي گيھ 290 روپيا في ڪلو کنڊ 110 روپيا في ڪلو وڪرو ٿي رھيو  آهي ٻي طرف سبزي توڙي فروٽ جو اگھ ب چوٽ چڙهي ويو پٽاثو 40 کان  50 روپيا في ڪلو ڀينڊي توڙي ڪريلا يا ٻي ڪاب سبزي غريب جي وس کان مٿي ٿي وئي ھوڏانھن فروٽ جو اگھ به آسمان سان ڳالهيون ڪري رھيو آهي ليڪن لاڳاپيل انتظا ميا خاموش تماشائي بڻيل آهي ٻي طرف عوامي راء مطابق  ھڪ ت لاڪ ڊائون جي ڪري روزگار جا وسيلا گھٽجي ويا آهن ويتر دڪاندارن ھٿرادو اگھ مقرر ڪري ڇڏيا آهن

پهنجو تبصرو موڪليو