روئنتي ۾ پنجاب پوليس جي ڪاهه ڳوٺاڻن ۽ پوليس ۾ فائرنگ، پوليس واپس

اوٻاوڙو(اسد گهنڃو) سنڌ جي پنجاب سان دنگائي تعلقي اوٻاوڙو لڳ رائونتي جي ڪچي ۾ پنجاب پوليس 3 چين وارين اي پي سي بڪتربند گاڏيون ۽ 12 پوليس موبائيل گاڏيون ساڻ ڪري ڳوٺ عمر خان شر تي چڙهائي ڪري ڏني. ڳوٺاڻن پنجاب پوليس کي ڏسندي مٿن جديد هٿيارن سان فائرنگ شروع ڪري ڏني. پنجاب پوليس به جوابي فائرنگ ڪري ڏني ٻنهي پاسن کان جديد هٿيارن سان فائرنگ هلڻ ڪري بگٽين جي شهباڻي برادري  جي اٺن سالن جي نينگري سمي جيڪا گاهه ڪري رهي هئي، گوليون لڳڻ ڪري  زخمي ٿئي پئي جنهن کي  وارث ھلندي فائرنگ ۾ تعلقي اسپتال کڻائي  ويا جتان نيگري جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري رحيم يار خان جي اسپتال ريفر ڪيو ويو. هوڏانهن پنجاب پوليس ۽ شر برادري ۾ مسلسل هڪ ڪلاڪ فائرنگ هلڻ ڪري علائقو جنگ جو ميدان بڻجڻ ڪري علائقي واسي خوف وچان  پنهجي گهرن تائين محدود  ٿي ويا. پنجاب پوليس ڪاروائي جو ڪارڻ  ڪجھ مهينا پهريون شر سيلرا تڪرار ۾ سيلرا برادري جي ٽن نوجوانن جي قتل ۾ ملوٽ جوابدار جي  گرفتار ڪرڻ جو ٻڌايوآهي. ٻئي پاسي گهوٽڪي پوليس پنجاب پوليس تي ٿيدڙ فائرنگ جو ڏيڍ ڪلو ميٽر پري بيهي تماشو ڏسندي رهي هوڏانهن پنجاب پوليس مسلسل ڏيڍ ڪلاڪ جي مزاحمت کان پوء بڪتر بند گاڏي جي چين ٽٽڻ ڪري واپس هلي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو