رند ۽ جوڻو برادرين جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو 13 ڄڻا زخمي

اوٻاوڙو (غلام علي رند) چوڪماڙي ۾ رند ۽ جوڻا برادري جي ٻن ڌرين ۾ پاڻي جي واري تان جهيڙو ٿي پيو. ڪهاڙيون ۽ لٺيون لڳڻ سبب 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا. جن ۾ جوڻو برادري جا شير محمد،آفتاب ، امتياز، اعجاز، نديم، حاجي ٻانهو ، عمران، عبدالقيوم ۽ گل زمان  زخمين ۾ شامل آهن جڏهن ته رند برادري جي زخمين ۾ ضياءالرحمان، الهداد، لعل بخش، ۽ فاروق احمد شامل آهن. فاروق ۽ شير محمد رند جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري کين رحيم يار خان ريفر ڪيو ويو آهي. واقعي بعد ٻنهي ڌرين جا حامي سول اسپتال اوٻاوڙو پهتا ته اتي به هڪٻئي مٿان لتن مڪن ۽ ٺونشن جو وسڪارو لائي ڏنو جنهن بعد اطلاع تي اوٻاوڙو جو ايس ايڇ او  نفري ساڻ ڪري پهتو جنهن بعد ٻنهي ڌرين جا ٻه ماڻھو  گرفتار ڪري جهيڙي تي ضابطو آندو . ان دوران جوڻا برادري جا معزز شهمير جوڻو، هزار خان جوڻو ۽ مير حسن جوڻو ۽ رند برادري مان امتياز خان رند وڏيرو قالو خان رند دادن خان رند ٻيا پهچي ٻنهي ڌرين کي ٿڌو ڪيو. ايس ايڇ او چيو ته قانون هٿ ۾ کڻڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏبي، ڌرين خلاف قانون موجب ڪاروائي ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو