120 ارب جو رليف پيڪيج، پيٽرول جا اگهه وڌائڻا پوندا، عمران خان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) 120 ارب رپين جي رليف پيڪيج جو اعلان ڪندي پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان چيو ته اهو پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو ”فلاحي پروگرام“ هوندو، جيڪو ملڪ جي فلاحي رياست بڻجڻ طرف هڪ قدم آهي. هن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون گڏيل طور تي 120 ارب رپين جو رليف پيڪيج ڏئي رهيون آهن، جنهن ۾ اٽي، دال ۽ گيهه تي 30 سيڪڙو سبسڊي ڏني ويندي. عمران خان چيو ته اها سبسڊي ايندڙ ڇهن مهينن تائين هوندي. پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان بنا وياج قرض پروگرام جو به اعلان ڪيو. هن چيو ته ان پروگرام هيٺ 40 لک خاندان بنا وياج واري قرض هيٺ گهر ٺاهي سگهندا. هارين ۽ پنهنجو ننڍوڪاروبار هلائيندڙن کي 5 لک رپيا قرض ملندو. عمران خان چيو ته پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو اسڪالر شپ پروگرام به ڏنو پيو وڃي جنهن ۾ 6 ڪروڙ اسڪالر شپ تي 47 ارب رپيا خرچ ڪيا ويندا. هن اهو به واضح ڪيو ته پيٽرول جي اگهن ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو ويندو. پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان اعتراف ڪيو ته ملڪ ۾ مهانگائي آهي ۽ غريبن تي دٻاءُ آهي. هن چيو ته ميڊيا کي گذارش آهي ته تصوير جا ٻئي پاسا ڏيکاريو، مهانگائي سڄي دنيا ۾ آهي، آمريڪا ۽ انگلينڊ ۾ به جيڪڏهن غريب وٽ ويندا ته هو به مهانگائي جون دانهون ڪندا. وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ مهانگائي ٿي آهي ۽ ان جو اثر پاڪستان تي به پيو آهي، ٻاهران ايندڙ مهانگائي بابت اسان ڪجهه نٿا ڪري سگهون. پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان خطي جي ٻين ملڪن ۾ پيٽرول جي قيمتن جو ذڪر ڪندي چيو ته ڀارت ۾ تيل جي قيمت 250 رپيا، بنگلاديش ۾ 200 رپيا ۽ پاڪستان ۾ 138 رپيا آهي. مان اڳ ئي چئي رهيو آهيان ته ملڪ ۾ پيٽرول جون قيمتون وڌائڻيون پونديون. عمران خان وڌيڪ چيو ته آمريڪا ۾ گيس جي قيمت 116 سيڪڙو ۽ يورپ ۾ 300 سيڪڙو وڌي وئي آهي پر پاڪستان ۾ گئس جي قيمتن ۾ واڌ ناهي ٿي رهي.پاڪستان ۾ پيٽرول جي قيمت اڃا به گهٽ آهي.

هن واضح ڪيو ته پيٽرول جا اگهه وڌيڪ وڌائڻا پوندا ٻي صورت ۾ خسارو وڌندو.هن چيو ته 4 مهينن ۾ عالمي منڊي ۾ 100 سيڪڙو پيٽرول وڌيو آهي اسين 33 سيڪڙو وڌايو آهي. پنهنجي خطاب جي آخر ۾ وزيراعظم چيو ته اپوزيشن مهانگائي خلاف روڊن تي آهي، مان پاڪستان جي ٻن وڏن خاندانن کي چوان ٿو ته هو پنهنجي لٽيل دولت پاڪستان واپس آڻين، ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين جا اگهه اڌ ڪري ڇڏينداسين. “. هن چيوته سعودي عرب ۽ متحدو عرب امارات جا مدد لاءِ ٿورائتا آهيون، ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ 8 ارب ڊالر خرچ ڪيا، هي وڏو بحرا هو 100 سال ۾ اهڙو بحران نه ٿيو، پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح 19 سيڪڙو آهي پاڪستان ۾ 9 سيڪڙو آهي، آمريڪا سميت دنيا ڀر ۾ مهانگائي ٿي آهي. وزيراعظم چيو ته سيارو شروع ٿي ويو آهي گيس جو بحران پيدا ٿي رهيو آهي جيڪو اڃا وڌندو، هن احساس پروگرام ٽيم پاران گهٽ آمدن وارن ماڻهن جي ڊيٽا گڏ ڪرڻ تي سندن تعريف ڪندي چيو ته اسين جلد 2 ڪروڙ گهراڻن کي رليف پيڪيج ڏينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو