رستو نه ڏيڻ تان چاچڙ ۽ قريشي برادرين ۾ جهيڙو5 ڄڻا زخمي

 ميرپورماٿيلو(ن س) رستو نه ڏيڻ تان رڪشا ڊرائيور ۽ ريڙهي وارا وڙهي پيا لٺيون لڳڻ ڪري 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا چوڪ وٽ رڪشا ڊرائيور ۽ ريڙھي وارن ۾ جهيڙي دوران لٺين جو استعمال ڪيو ويو 5 ڄڻا انيس قريشي فرمان چاچڙ الله وسايو چاچڙ ۽ قالو چاچڙ سخت زخمي ٿي پيا ٻئي ڌريون ٿاڻي تي پهتيون ته ٻيهر ٿاڻي ٻاھران جهيڙو ٿي پيو پوليس وچ ۾ پئي جھيڙو ٽاريو زخمين کي سول اسپتال داخل ڪيو ويو. چاچڙ برداري جي فرمان چاچڙ الله وسايو چاچڙ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسين ٻارن سان گڏ رڪشي تي شھر وڃي رھياسين تہ قريشي برادري جون ريڙهيون اڳيان بيٺل ڏسي اسان رستو ڏيڻ لاءِ چيو تہ قريشين اسان کي گار گند ڪرڻ شروع ڪئي روڪڻ تي ٻاھران بيٺل قريشي برادري جي ماڻهن اسان تي لٺين جا وار ڪري اسان کي ماري ڪٽي فرار ٿيڻ لڳا اسان ٿاڻي طرف وياسين پئي تہ ٿاڻي ٻاھران روڪي قريشين اسان مٿان وري لٺين جا وار ڪري اسان سان وڏو ظلم ڪيو آهي خدرا اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو