رحماني درگاهه تي عرس جي تقريب

لاکاروڊ(اظھر جلباڻي) سيد رحمت الله شاھ رحماني جو ساليانو عرس درگاه جي عقيدت مندن پاران ڀرپور نموني ملهايو ويو، هر سال وانگر مڪلي ضلعي ٺٺي کان ايندڙ فقير محمد اسماعيل عرف رونق فقير جي اڳواڻي ۾ عقيدتمند صوفي فنڪار ساجن نوناري، غلام محمد، حسن فقير، فقير ياسين مري ۽ ساٿين سان گڏ درگاه تي چاڙهڻ واري چادر سميت پيادل صوفيانا ڪلام  ڳائيندا وڄائيندا شهر جو گشت ڪندا درگاه رحماني پهتا. جتي درگاه جي گادي نشين سيد غلام نبي شاه درگاه جي فقيرن ۽ عقيدتمندن سيد رحمت الله شاه رحماني جي مزار تي چادر چاڙھي عرس جي تقريب جو آغاز ڪيو. ان بعد دعا گهري وئي ۽ ننگر پڻ تقسيم ڪيو ويو. جڏهن تہ صوفي فقيرن صوفياڻي راڳ جي محفل ۾ ويٺلن تي وجد تاري ڪري ڇڏيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو