راڻا همير سنگهه جي بداخلاقي ڪندڙ نجي چئنل خلاف احتجاج

چيلهار(ساجد نهڙيو) راڻا هميرسنگهه جي ذاتي زندگيءَ تي نجي ٽي وي جي پروگرام خبرناڪ ۾ ڪيل بداخلاقي خلاف ڀرت راساڻي، سماجي اڳواڻ ڀيرولعل سوٽهڙ، شاهنواز کوسو، آتمارام مالهي، نول راٺوڙ، راجا ڌڙوائي، پوپٽ سوٽهڙ، نيل ڪمار آڏواڻي جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ بينر کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته  هڪ نجي چئنل راڻا جي ذاتي زندگي ۽ رهڻي ڪهڻي سميت انتهائي ڪريل پيروڊي ڪئي آهي جنهن راڻا جي چاهيندڙن جي سخت دل آزاري ڪئي آهي نجي ٽي وي جي مالڪن کي فوري طور راڻا جي خاندان کان معافي وٺڻ گهرجي ٻي صورت ۾ احتحاج وسيع ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو