دادو(رپورٽ عزيز الله خاصخيلي)سنڌ جي سرڪاري توڙي خانگي تعليمي ادارن ۾ راندين جا ميدان موجود ئي ناھن، جڏهن ته ضلع دادو ۾ پرائمري اسڪولن جو تعداد 2105 تائين، ھاء اسڪولن ۽ مڊل اسڪولن جو تعداد 170 کان مٿي ڪاليجن جو تعداد 9 تائين جڏهن تہ خانگي اسڪول بہ 90 جي قريب ڏٺا ويا آھن، تعليم جا ٻہ پيرا ميٽر (رخ) آھن، نصاب معنيٰ جيڪي تعليم ڪلاسن ۾ ڏني وڃي جڏهن تہ غير نصابي تعليم معنيٰ ڪلاسن کان ٻاھر جي تعليم، جيڪا ميدان جي محتاج آهي جنهن لاءِ کليل آسمان ۽ محفوظ ماحول جو ھجڻ ضروري آھي، اھڙن خيالن جو اظھار پروفيسر عرفان ڪلهوڙي پنهنجي شاگردن سان غير نصابي سرگرمين جي حوالي سان ڪيو، راندين جا ميدان دادو ۾ صرف چند تعليمي ادارن وٽ موجود آھن جڏهن تہ خانگي اسڪولن ۾ اسيمبليءَ لاءِ بہ جڳھ نہ ھجڻ جي برابر ملندي، ڪنھن بہ تعليمي اداري کي راندين جي ميدان کان سواءِ مڪمل نہ سمجھيو وڃي ڇو تہ راندين جا ميدان شاگردن جي ذھني اوسر کي وڌيڪ مظبوط ڪن ٿا، انھن ۾ وقتائتي فيصلي ڪرڻ جي طاقت پيدا ڪن ٿا، دادو ۾ استاد بخاري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادو وٽ انٽرنيشنل ھاڪي گرائونڊ، ڪرڪيٽ گرائونڊ، فوٽ بال گرائونڊ ۽ باسڪيٽ بال جھڙا گرائونڊ موجود آھن، جنهن سان شاگردن ۾ مقابلي جو رجحان تہ پيدا ٿئي ٿو پر انهن لاءِ ڇا بھتر آ اھا فيصلي جي سگھہ بہ پيدا ٿئي ٿي، سنڏ حڪومت کي گھرجي تہ راندين جا ميدان 30 ضلعن ۾ جوڙڻ جو حڪنامو ڪڍي، صوبائي ميمبرن ۽ قومي ميمبرن کي پڻ پابند ڪرڻ گھرجي تہ اھي پنهنجي تڪن ۾ نوجوانن لاءِ راندين جا ميدان ٺهرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪن ۽ تعليمي سرشتي ۾ موجود ھن خال کي گھٽ ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.
آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي چيف خلاف فوج پاران انڪوائري شروع
صوبي جي 30 ٽيچنگ ٽريننگ ادارن کي اپ گريڊ ڪرڻ جو فيصلو
حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ پاران صارفين جي اوور بلنگ تي ڳڻتي
برسات جي اڳڪٿي، واٽر ڪارپوريشن ۾ برساتي ايمرجنسي لاڳو
پاڪستان تي سفري پابنديون برقرار
بلوچستان ۾ برساتن سبب ٻوڏ جي صورتحال، 8 ڄڻا فوت
پي ٽي آءِ جي شير افضل جي سعودي بابت بيان کان لاتعلقي
گورنر جي تبديلي جو فيصلو اسان نه وزيراعظم ڪندو: مراد شاهه
پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڀاڻي ٿيندو، صدر زرداري خطاب ڪندو
بلوچستان ۾ مخالف ڌر جو پهريون جلسو ناڪام رهيو: تارڙ
سنڌ ڪابينا جي وڌيڪ 8 وزيرن اڄ حلف کڻي ورتو
جيڪب آباد ۾ گهر واري خرچ گهرڻ تان مڙس هٿان قتل
سعودي وفد جي دوري سان اربين ڊالرن جي سيڙپ ٿيندي
ايڪس بندش خط واپسي جو حڪم، معاملا هٿ مان نڪرن پيا
توشه خانه ڪيس ۾ نواز شريف جي بريت جي درخواست
واٽس ايپ چيٽ لاءِ هڪ بهترين فيچر متعارف
تيز مغربي برساتي سسٽم ڪراچي ۾ داخل ٿي ويو
حڪومت پاران پنهنجي ئي مقرر جج خلاف ريفرنس داخل
ٻيو ٻار به جلد ايندو، ياسر حسين
خرچن ۾ شفافيت ۽ ٽيڪس وصولي ايف بي آر حوالي ڪريو