رانجهاڻي قتل ڪيس ۾ ڊي ايس پي سميت 3 اهلڪارن جا وارنٽ

ملير(دريا خان شر) ڪراچي جي عدالت ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس ۾ ڊي ايس پي سوڌو ٽن پوليس عملدارن خلاف ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ بيدرديءَ سان قتل ٿيل قومپرست ڪارڪن ارشاد راجهاڻي جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت مفرور ڄاڻايل جوابدار ڊي ايس پي شوڪت شاهاڻي، سب انسپيڪٽر علي گوهر ۽ سپاهي الطاف حسين جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. عدالت آءِ جي سنڌ کي حڪم ڏنو آهي ته جوابدارن جي گرفتاري يقيني بڻائي کين عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. عدالت ڌُرين کان 6 سيپٽمبر تي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو