دُڪان کولڻ لاءِ آيل نوجوان جو گڊو شاخ مان لاش هٿ

ڪنڌڪوٽ (غالب بلوچ) جھولي لال پمپ وٽ گڊو شاخ ۾ سنجي ڪمار پٽ تلسيداس جو پاڻي مان لاش ھٿ آيو پاڻي ۾ لاش کي ڏسي رستي ويندڙن پوليس کي اطلاع ڏنو پوليس پهچي لاش کي تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. وارثن جو چوڻ هو ته سنجي ڪمار اڄ صبح جو دڪان کولڻ بعد هليو ويو ۽ بعد ۾ اطلاع مليو ته ان جو لاش پاڻي ۾ پيل آھي. وارثن جو چوڻ هو ته واقعي جي ڪا به خبر نٿي پوي ته ڪنهن هن کي قتل ڪيو آهي يا هو پنهنجي موت مري ويو آهي. وارثن پوليس کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي صاف شفاف نموني چاچ ڪري انصاف ڏياريو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو