دوستي رکڻ لاءِ ماسترياڻي کي تنگ ڪندڙ ٻن استادن کي پوليس لاڪ اپ ڪري ڇڏيو

بدين(ن س) دوستي رکڻ لاءِ خاتون ٽيچر کي تنگ ڪندڙ ٻن استادن کي ڊي سي بدين جي هدايت تي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. گرفتارجوابدار بااثر هجڻ ڪري دباءُ وجهي رهيا آهن. بدين جي شهرنندوجي گورنمينٽ گرلز پرائمري اسڪول جاويد علي خاصخيلي جي خاتون ٽيچر صائقه ڪنڀارڊي سي بدين کي درخواست لکي ته گورنمينٽ هائر سيڪنڊري نندو شهر جا جي ايس ٽي فدا حسين سيال ۽ سندس دوست استاد بشير خاصخيلي پاڻ کي ڊي سي جو پي اي ڄاڻائي مختلف نمبرز تان فون ڪري دوستي رکڻ لاءِ کيس حراسان ڪري رهيا آهن. اهڙي شڪايت تي ڊي سي پوليس ذريعي نمبرز ٽريس ڪرايا، جنهن بعد الزام هيٺ آيل ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري ماڊل ٿاڻي بدين ۾ لاڪ اپ ڪيو ويو. گرفتاري بعد جوابدارن پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪندي معاملي کي دٻائڻ جون ڪوششون شروع ڪيون آهن. متاثره ٽيچر جي ڀاءُ آصف ڪنڀار واقعي جي تصديق ڪندي ڊي سي بدين ڊاڪٽر حفيظ احمد سيال ۽ ٻين اختيارين کي انصاف جي اپيل ڪئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

دوستي رکڻ لاءِ ماسترياڻي کي تنگ ڪندڙ ٻن استادن کي پوليس لاڪ اپ ڪري ڇڏيو” هڪ تبصرو

پهنجو تبصرو موڪليو