دودو ڀيل جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ اڄ احتجاج ٿيندو

اسلام ڪوٽ(رپورٽ صادق بجير )مقتول دودي ڀيل جا قاتل گرفتار نه ٿيا،24 ڪلاڪن جو الٽيميٽم ختم،اڄ ٿر جي سمورن شهرن ۾ شٽربند هڙتال ۽ ڌرڻن جو اعلان،مُک ڌرڻو اسلام ڪوٽ ۾ ٿرڪول روڊ تي لڳندو، ٿرڪول بلاڪ ٽو اندر چوري جي الزام هيٺ سيڪيورٽي گارڊن پاران پڪڙي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايل پورهيت دودو ڀيل جي فوت ٿيڻ بعد چئن ڄڻن تي قتل ڪيس داخل ٿيڻ باوجود پوليس هڪ به جوابدار کي گرفتار ڪري ناهي سگهي،جنهن سبب پ پ جي چونڊيل نمائيندن پاران لاش رکي ڌرڻو ختم ڪرائي 24 ڪلاڪن اندر جوابدار گرفتار ڪرڻ جو ڪيل واعدو پورو نه ٿيو جنهن خلاف اڄ احتجاج ڪيو ويندو. ٻئي پاسي  اسلام آباد ۾ انساني حقن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاج جو اعلان ڪيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو