دهشتگردن سان مقابلي ۾ انسپيڪٽر سميت 5 اهلڪار شهيد

چلاس (ويب ڊيسڪ) ديامير ضلعي جي هيڊ ڪوارٽر چـلاس ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي دوران دهشتگردن جي فائرنگ ۾ انسپيڪٽر سميت 5 اهلڪار شهيد ٿي ويا ۽ 4 زخمي ٿي پيا، 2 دهشتگرد به مارجي ويا. پوليس موجب سي ٽي ڊي ڳجهي اطلاع تي رونئي واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪئي، جنهن تي دهشتگردن فائرنگ ڪري ڏني. پوليس موجب گوليون لڳڻ سبب هڪ انسپيڪٽر سميت 5 اهلڪار شهيد ٿي ويا ۽ چار زخمي ٿي پيا. پوليس موجب سي ٽي ڊي جي جوابي فائرنگ ۾ ٻه دهشتگرد به مارجي ويا آهن، جڏهن ته علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو