دنيا ۾ تيز ترين انٽرنيٽ اسپيڊ جو ڪامياب تجربو

ٽوڪيو(ويب ڊيسڪ) جاپاني انجنيئرز دنيا ۾ انٽرنيٽ جي تيز ترين ڊيٽا ٽرانسفر جي اسپيڊ بابت ڪامياب تجربو ڪيو آهي. هي دريافت ٽيڪنالاجي سميت زندگي جي مختلف شعبن ۾ ايترو ته انقلاب برپا ڪندي جنهن جو ڪنهن جي تصور ۾ به ناهي. هنن 3000 ڪلوميٽر ڊگهي آپٽيڪل وائر تي ڊيٽا ٽرانسفر جو جيڪو تجربو ڪيو آهي ان مطابق 319 ٽيرابا بائيٽس في سيڪنڊ جي حساب سان ڊيٽا ٽرانسفر ٿي سگهندي. پاڪستان ۾ پي ٽي سي ايل عام صارف کي 100 ميگا بٽس في سيڪنڊ ڊيٽا ٽرانسفر جي سهولت جي دعويٰ ڪري ٿي پر اصل ۾ اها 50 کان 70 ايم بي پي ايس مشڪل سان ٿيندي آهي. هڪ ٽيرابائيٽ 10 لک ميگابٽس برابر هوندو آهي.چند وڏن شهرن کي ڇڏي ننڍن شهرن ۾ ته اڃا به ڪي بي پي ايس۾ اسپيڊ هوندي آهي. جاپان جي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف انفرميشن ۽ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي يعني ’اين آءِ سي ٽي‘ جي سائنسدانن ۽ انجنيئرز اهو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. گذريل سال هنن 172 ٽيرابائيٽ في سيڪنڊ اسپيڊ جو تجربو ڪيو هو جنهن لاءِ هنن آپٽيڪل فائبر جي ٽن تارن کي تجربي ۾ استعمال ڪيو هو. عام طور تي دنيا ۾ هن ڪيبل ۾ هڪ وزئر هوندي آهي. وڌيڪ تارن استعمال ڪرڻ جو مقصد مفاصلي جي ڪري اسپيڊ تي فرق نه پوڻ آهي. نئين تحقيق ۾ هنن 4 تارن واري آپٽيڪل فائبر وائر استعمال ڪندي 319 ٽيرابائيٽس جي اسپيڊ جو تجربو ڪيو آهي. تفصيلي خبر لاءِ هن لنڪ تي ڪلڪ ڪريو.

پهنجو تبصرو موڪليو