رياض(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا ڀائپيءَ وارا لاڳاپا لازوال آهن ۽ پاڪستان سعودي عرب جي سلامتي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. اهڙو اظهار هن سعودي راڄڌاني رياض ۾ پاڪ سعودي سيڙپڪاري فورم کي خطاب دوران ڪيو. عمران خان وڌيڪ چيو ته سعودي عرب سان پاڪستان جي لاڳاپن جو هڪ سبب اتي مسلمانن جا ٻه عظيم مقدس ماڳ هئڻ به آهي ۽ ٻيو سبب اهو آهي ته سعودي عرب هر ڏکيءَ گهڙي ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ وسيع موقعا موجود آهن. پاڪستان دنيا سان ٻطرفي احترام تي ٻڌل لاڳاپا چاهي ٿو. تقريب کي خطاب دوران وزيراعظم ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي بلاڪ بسٽر ميچ ۾ ڀارت خلاف پاڪستان جي تاريخي ڪاميابي جو ذڪر به ڪيو ۽ دلچسپ تبصرو ڪندي چيو ته ورلڊ ڪپ ۾ بري شڪست ڏيڻ بعد ڀارت سان لاڳاپا معمول تي آڻڻ لاءِ ڳالهيون ڪرڻ جو هي مناسب وقت نه هوندو. وزيراعظم جي اهڙي دلچسپ تبصري تي تقريب ۾ موجود ماڻهن ۾ ٽهڪڙو پئجي ويو.
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، پرڏيهي آفيس
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو
اسرائيل جو ايران تي جوابي ميزائيل حملو
اسرائيلي حملي جو مناسب جواب ڏنو ويندو، ايران
پنجاب جي ضمني چونڊ، 10 ضلعن ۾ قلم 144 لاڳو
ورلڊ اوپن اسڪواش: پاڪستان جو حمزه خان مين ڊرا ۾ شامل
سلمان خان جي گهر ٻاهران سيڪيورٽي سخت
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
بل جمع ڪرائڻ ۾ دير ڪندڙ ايڊورٽائزنگ ايجنسيز خلاف ڪارروائي ٿيندي
ڀارتي ٽارگيٽ ڪلنگ تي ڪو بيان نه اچڻ جو مطلب اهو ناهي ته سُتل آهيون
جان محمد جي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ نئين ڪميٽي قائم
پهرين ٽي ٽوئنٽي، برسات سبب ميچ ڪينسل