دعا منگي 3 ڏينهن گذرڻ بعد به بازياب نه ٿي سگهي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) دعا منگي جي اغوا کي 3 ڏينهن گذري ويا پر پوليس کيس بازياب ڪرائڻ م ناڪام رهي آهي. قانون جي شاگردياڻي دعا منگي پنهنجي دوست حارث سومرو سان بخاري ڪمرشل ڊفينس ۾ واڪ پئي ڪئي ته نامعلوم هٿياربند حارث کي گولي هڻي زخمي ڪري دعا کي اغوا ڪري ويا هئا. ڇنڇر تي شام جو پيش آيل واقعي جو وڏي وزير به نوٽيس ورتو پر اڃا ڪا به اڳڀرئي ناهي ٿي. دعا منگي جو والد ريٽائرڊ ڊاڪٽر آهي، اڳ ۾ جناح اسپتال جي ڊاڪٽرز ڪالوني ۾ رهندا هئا ۽ هينئر قيوم آباد جا رهائشي آهن. سندس والد پلاسٽڪ سرجري جو ماهر آهي ۽ هينئر نجي ڪلينڪ هلائيندو آهي. دعا منگي هڪ ڪورس لاءِ هڪ سال آمريڪا ۾ به رهي. سندس والد ڊاڪٽر نثار احمد منگي جو چوڻ آهي ته 10 ڏينهن اڳ هڪ ڇوڪري سان دعا جو جهڳڙو ٿيو هو ۽ شڪ آهي ته هن کيس اغوا ڪيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته اغوا ڪارن خالد بن وليد روڊ تان ڦر ڪيل گاڏي ۾ کيس اغوا ڪيو ويو. پوليس موجب پيش رفت ٿي آهي جلد دعا کي بازياب ڪرايو ويندو ۽ اغوا ڪارن کي گرفتار ڪيو ويندو. پوليس موجب هي ڀُنگ لاءِ اغوا جو ڪيس نٿو لڳي پر ذاتي تڪرار جو معاملو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو