درگاهه لواري شريف 37 سالن بعد کلي وئي، مريد خوشي مان نهال

بدين (ن س) لواري شريف جون رونقون بحال، هزارين ماڻهن جي درگاهه تي حاضري، دبئي ۾ تقريب، ان سلسلي ۾ برصغير ۾ نقشبندي سلسلي جي عظيم بزرگ حضرت سلطان الاولياءُ خواجه محمد زمان جي درگاهه تي عورتن ۽ مردن سميت هزارين ماڻهن حاضري ڀري، جڏهن ته لاڙڪاڻي مان ڌڻي بخش عرف روشن جوڻيجو، صاحب خان جوڻيجو ۽ بين جي اڳواڻي ۾ پيرين پنڌ نڪتل قافلو لواري شريف پهتو، جنهن جي پ پ تعلقي جنرل سيڪريٽري عبدالرحمان بلوچ ۽ ٻين آجيان ڪئي، جڏهن ته درگاهه شريف کلڻ تي علائقي واسين ۾ خوشي جي لهر ڇانئيل آهي، هوڏانهن 37 سالن بعد درگاهه کلڻ جي خوشي ۾ دبئي ۾ شاندار تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ مريد ۽ عقيدتمند شريڪ ٿيا، جڏهن ته هڪ ٻئي کي مٺائي پڻ کارائي وئي، ان موقعي تي اختر بگٽي، سونو ڪوريجو، عمران بگٽي، علي بخش ڏاھري ۽ ٻين چيو ته درگاھه لواري شريف جي مريدن لاءِ عيد جھڙو سماءُ آهي، جو ھيتري وڏي عرصي کان پوءِ درگاھه جي زيارت جو موقعو مليو آهي، هنن وڌيڪ چيو ته ھو اڳوڻي صدر پاڪستان آصف علي زرداريءَ، بلاول ڀٽو زرداريءَ، فريال ٽالپر، سيد مراد علي شاهه، سھيل انور سيال، منور علي مھيسر ۽ ٻين جي ڪاوشن تي سندن شڪرگذار آهن، پروگرام ۾ ڊاڪٽر سليم شيخ، ڊاڪٽر شبير سڌايو، جاويد ڪوريجو، نائيڪ نرمل، عباس ڪوريجو، پير امتياز، شھمير گاڏھي، بلاول ڪوريجو، صدام ٽڳڙ، فياض ميمڻ، وسيم ڪوريجو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ٻئي طر ف  مدرسا مظهر العلوم شهباز روڊ بدين جا استاد ۽ شاگرد پڻ درگاهه لواري شريف تي زيارت لاءِ پهتا، ان موقعي تي زائرين چيو ته سنڌ حڪومت ۽ اوقاف کاتي درگاهه کي عام زيارت لاءِ کولي اسان جون دليون کٽي ورتيون آهن، سندن ٿورائتا آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو