داسو ڌماڪي جي شڪ ۾ لاهور مان ٻه ڀائر گرفتار

لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب پوليس ڳجهي اطلاع تي ڇاپو هڻي جوهر ٽائون ڌماڪي ۽ داسو حملي ۾ ملوث هئڻ جي شڪ ۾ ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪيو آهي. پوليس موجب ٻئي ڀائر آهن، سندن تعلق ڪوئٽا سان آهي پر پندرنهن سالن کان لاهور جي ڊفينس واري علائقي ۾ رهن ٿا. پوليس کانئن پڇا ڳاڇا لاءِ کين اڻ ڄاڻايل هنڌ منتقل ڪيو آهي. ياد رهي ته لاهور جي جوهر ٽائون ۾ پابندي مڙهيل تنظيم لشڪر طيبه جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد سربراهه حافظ سعيد جي گهر لڳ پوليس پڪٽ وٽ 23 جون تي ڪار ۾ ريموٽ ڪنٽرول سان ڌماڪو ڪيو ويو هو جنهن ۾ 7 مانهو فوت ۽ 13 ٻيا زخمي ٿيا هئا. جڏهن ته 14 جولاءِ تي 4300 ميگا واٽ جي داسو هائيڊل بجلي گهر ۽ ڊيم تي ڪم ڪندڙن جي گاڏي ۾ ڌماڪو ٿيو هو جنهن ۾ 9 چيني انجنيئرز سميت 13 ماڻهو فوت ۽ 28 ٻيا زخمي ٿيا هئا. زخمين ۾ به چيني شهري شامل هئا. جنهن بعد چين سخت رد عمل ظاهر ڪندي جاچ ٽيم موڪلي ۽ شاهه محمود قريشي ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ کي بيجنگ جو هنگامي دورو ڪرڻو پيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو