دادو ۽ ڪوٽ لالو روڊ حادثن ۾ 4 ڄڻا زخمي

ڪراچي (نمائندن وٽان) دادو ۽ ڪوٽ لالو ۾ پيش آيل روڊ حادثن سبب 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.دادو مان عزيزالله خاصخيلي موجب آءِ بي اي ڪاليج ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن وچ ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ لال بخش لنڊ ۽ مجاهد  لنڊ شامل آھن جن کي علاج لاء سول اسپتال دادو آندو ويو, حادثي سبب لال بخش لنڊ جي هڪ ٽنگ سخت متاثر ٿيڻ ڪري کيس وڌيڪ علاج لاء نوابشاهه نيو ويو آھي, جڏھن ته مجاهد لنڊ کي طبي امداد ملڻ بعد گهر روانو ڪيو ويو آھي. حادثي ۾ زخمي ٿيندڙ دادو لڳ ڳوٺ ناڙيوال لنڊ جا رهواسي ٻڌايا پيا وڃن. *** ڪوٽ لالو مان  باغ علي موجب مهراڻ نيشنل هائي وي تي تيز رفتار ڪار جو موٽر سائيڪل کي ٽڪرنتيجي ۾  سٺ ميل واسي  مراد علي مري ۽ رحم حسين مري سخت زخمي ٿي پيا جن کي تعلقه اسپتال منتقل ڪيو ويو ، سندن حالت نازڪ هئڻ ڪري ٻنهي کي نواب شاھ اسپتال ريفر ڪيو ويو. حادثي جي نتيجي ۾ ٻنهي ذخمين جون ڄنگهو ٽٽي پيون آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو