داتا درٻار ٻاهران خودڪش حملو10 شهيد 25 زخمي،5 نازڪ

لاهور( م ڊ) داتا درٻار جي ٻئي نمبر گيٽ وٽ بيٺل اليٽ فورس جي گاڏي جي ڀر ۾ خودڪش حملي ۾ 3 شهرين 5 پوليس وارن سميت 10 ڄڻا فوت 25 زخمي ٿي پيا. آءِ جي پنجاب عارف نواز خود ڪش حملي جي تصديق ندي چيوته 7 ڪلوگرام بارود استعمال ڪيو ويو. ايس پي سٽي غضنفر شاهه جو چوڻ آهي ته زخمين کي ميو اسپتال پهچايو ويو آهي ۽ انهن مان 5 جي حالت نازڪ آهي ۽ مري ويلن جي انگ ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. اسپتال ۾ سيڪريٽري صحت پهچي ويو آهي هن موجب 4 ڄڻن جو آپريشن هلي پيو. ڌماڪي بعد ريسڪيو جو ڪم .شروع ڪيو ويو ۽ ايڌي سميت مختلف ادارن جون ايمبولينس پهتيون. پوليس موجب ٽارگٽ پوليس جي گاڏي هو ڌماڪي بعد سيڪورٽي سخت درٻار ۾ ماڻهن جي اچ وڃ تي پابندي

پهنجو تبصرو موڪليو