خيرپورڪچو ٻڏي ويو ڪيترائي ڳوٺ ۽ فصل پاڻي هيٺ

صوڀوديرو(نعمت علي مڱڻيجو) ڪچي واري علائقي ۾ پاڻي جي وهڪرن ۾ واڌ کانپوءِ ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا ڪيترائي علائقا پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا ڪچي جي ڪيترن ئي علائقن جا رهواسي بي يارو مددگار بڻيل آهن. مختلف ڳوٺن محمد حسن ڪلھوڙو، لعل ڏنو چنو، محمود چنو، پيروز لڪ ،سعيد خان چنو، حسين شاه، گل ڪلهوڙو، ۽ٻين ڪيترن ئي ڳوٺن جو زميني رستو ڪٽجي ويو هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل وونئڻن، تر، جوئر، ٻاجهري ۽ ٻيا فصل پاڻي هيٺ اچي ويا آبادگارن جو ڪروڙين رپين جو نقصان غريب ھارين کي مٿي تي هٿ اچي ويا ايس ايم بچاء بند تي پاڻي جي وهڪرن ۾ واڌ ۽بند جي پچنگ وارو ڪم اڻپورو هئڻ سبب علائقي واسين جو ساھ مٺ ۾ پاڻي جي وهڪرن ۾ لڙهي آيل مختلف قسمن جي نانگ بلائن ماڻهن کي راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو مڇرن ۽ ٻين مختلف جيتن جي چڪڻ سبب ڪيترائي ماڻهو مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٻيڙين جي سهولت نہ هجڻ ڪري ماڻهن کي اسپتالن تائين پهچڻ ۾ ڏکيائيون درپيش اچي رهيو آهن علائقي واسين ضلعي انتظاميا ۽ ٻين وس وارن اعلي عملدارن کان گهر ڪندي چيو تہ اسان ڪچي جي رهواسين جي اچ وڃ لاءِ ٻيڙين جو انتظام ڪيو وڃي ۽ سڳيون اسپتال ۾ وئڪسين جي سهولت مهيا ڪئي وڃي ، ٻوڏ ۾ ٿيندڙ ايمرجنسي لاءِ هنگامي بنيادن تي اپاء ورتا وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو