خوشحال خان خٽڪ بحال ڪريو ڪشمور ۾ شهرين جو احتجاج

ڪشمور(رپورٽ اصغر علي چانڊيو )ڪشمور ۾ شھرين پشاور کان ڪراچي طرف ھلندڙ خوشحال خان خٽڪ ايڪسپريس جي بحالي لاءِ مسافرن ۽ شھرين ڪشمور ريلوي اسٽيشن تي احتجاجي مظاهرو ڪري وفاقي وزير شيخ رشيد خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ چيو ته شيخ رشيد ڪشمور واسين سان واعدا وفا نه ڪيا2  سال اڳ ڪشمور ريلوي اسٽيشن تي شيخ رشيد خوشحال خان خٽڪ ۽ چلتن ايڪسپريس بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو جيڪو اڃان تائين پورو نه ٿيو آهي. ڪشمور ۾ شھرين ريلوي اسٽيشن تي وفاقي وزير شيخ رشيد خلاف ڪشمور ريلوي اسٽيشن آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته ريلوي وارو وفاقي وزير شيخ رشيد 2 سال اڳ سنڌ جي دوري دوران ڪشمور ريلوي اسٽيشن تي پهچي اعلان ڪيو هو ته  پشاور کان ڪراچي تائين خوشحال خان خٽڪ ايڪسپريس جلد بحال ڪندس ۽ ڪوئيٽا کان چلتن  ايڪسپريس کي به بحال ڪيو ويندو پر وفاقي وزير شيخ رشيد جا واعدا اڃان تائين وفا ناھن ٿي سگهيا ھن محل تائين ڪا به مسافر ريل گاڏي جيڪب آباد ڪشمور ڪنڌڪوٽ طرف ٽريڪ تي نٿي ھلي جنهن ڪري ڪشمور ضلعي جو عوام ريل جي سفري سھولتن کان محروم بڻيل آهي ڪشمور جي شھرين وفاقي وزير شيخ رشيد وزير اعظم عمران خان کان مطالبو ڪندي چيو ته خوشحال خان خٽڪ ريل گاڏي بحال ڪري عوام کي ريل جون سفري سھولتون مهياڪيون وڃن ٻي صورت پر امن احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو