خورشيد شاهه جي ضمانت، سپريم ڪورٽ جو نيب کي نوٽيس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ پي پي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه ۽ سندس پٽ جي ضمانت وارين درخواستن تي نيب کي نوٽيس جاري ڪندي ٻن هفتن ۾ جوا ب طلب ڪري ورتو. جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ فل بينچ جي ٻڌڻي دوران ميان رصا رباني چيو ته هن ڪيس جا 7 هزار صفحا آهن، نيب هڪ سال کان خورشيد کي گرفتار ڪيو آهي ۽ اڃا تائين ريفرنس داخل ناهي ڪيو. هن چيو آمدن کان وڌيڪ اثاثن جي الزام ۾ 12 ملڪيتن ۽ 3 بئنڪ اڪائونٽس بابت ڪيس ۾ اڃا نيب جاچ مڪمل ناهي ڪئي. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ميان صاحب اوهان پنهنجي دليلن جو خلاصو ايندڙ ٻڌڻي کان اڳ جمع ڪرايو. اسين 5 آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ هفتي ۾ هي ڪيس ٻڌنداسين. هن چيو ته ان هفتي اڪثر بينچ ڪوئٽا ۾ هونديون ۽ هن ڪيس لاءِ خاص بينچ جوڙي ويندي. ان دوران نيب جي پراسيڪيوٽر چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ 9 شريڪ جوابدارن جي ضمانت منظور ڪئي آهي ۽ نيب اها رد ڪرڻ لاءِ اپيل به ڪئي آهي. جنهن تي عدالت چيو ته ان کي به هن ڪيس سان گڏ ڪيو وڃي ۽ اها به ٻڌنداسين. عدالت سيد خورشيد شاهه ۽ سندس پٽ فرخ شاهه جي ضمانت واري درخواست ٻڌڻي ٻن هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو