خدارا! منهنجي هيءَ فرياد ٻُڌو!

تحرير اعجاز علي سوڍر

زندگيءَ جو سفر هڪ اڙانگو سفر آهي. ڏک، سور، مزي، محبت، غمي ۽ خوشيءَ جو سنگم هيءَ زندگي آهي. ڪنهن کي ابي امان جي امير هئڻ سبب بنا ڪنهن گھڻي محنت يا ڪوشش جي ججھو مال ملڪيت ملي ٿو ته ڪي ويچارا مسڪين روز روئڻ ۾ گھارن ٿا. هر انسان کي پنهنجي زندگي آسائش سان گذارڻ جي تمنا هوندي آهي پر انهيءَ تمنا ۾ سفلتا حاصل ڪرڻ هر ڪنهن انسان جي وس ۾ نه هوندي آهي. پنهنجي زندگيءَ جي آساني ۽ خوشي گھورِي پر اولاد جو غم سڀ مَتون منجھائي رکي ٿو. مسڪينيءَ ۾ زندھه رهڻ خود هڪ وڏو سُور آهي وري جي اگر غربت ۽ اواد جو سُور گڏجي وڃن ٿا پوءِ روز جيئڻو روز مرڻو پوي ٿو. انسان جيڪو کاڌو، جيڪو پيتو ۽ جيڪو پاتو اهو ان جو آهي باقي ٻيو سڀ ڪجھه پرائو آهي. موت پڄاڻان انسان مري ختم ٿي وڃي ها ته هوند ڏاڍو مزو هجي ها پر موت ته صرف هن دنيا جي زندگيءَ جو اختتام آهي. اڳتي ابدي زندگيءَ جي شروعات آهي. انهيءَ زندگيءَ ۾ سُٺي زندگي ماڻڻ جو سمورو بندوبست هن دنيا ۾ ئي ڪرڻو پوي ٿو. ڪجھه اهي ماڻهو آهن جيڪي پنهنجي دل جي چاهت آسانيءَ سان حاصل ڪري وٺن ٿا ۽ پنهنجي اولاد کي هر خوشي سولائيءَ سان ڏئي پاڻ کي مسرور رکن ٿا. ڪجھه قسمت جي هٿان مجبور ماڻهو پنهنجو پيٽ گذر به مشڪل سان ڪرڻ وارا آهن جيڪي پنهنجي اولاد جون ننڍڙيون خواهشون به پوريون ڪرڻ کان قاصر هوندا آهن. انساني فطرت ۾ اها ڳالھه شامل آهي ته جڏهن کيس ڪو غم ملندو آهي ته پوءِ هر خوشي سندس لاءِ بي مزه بڻجي ويندي آهي. جڏهن انسان جي پنهنجي مٿان ايندي آهي ۽ هو لاچار ۽ بيوس بڻجي ٻين ڀائرن کي مدد لاءِ پڪاريندو آهي ته ان جو اندازو ڪرڻ لاءِ ٿوري دير اهو تصور ڪجي ته اگر خدا نخواسته! سڀاڻي منهنجي مٿان به اهڙي ڪا مصيبت اچي ته ٻين جي مدد وٺڻ لاءِ ڪيترو نه لاچار ۽ بيوس ٿي پڪاريندس، ته ان جو اندازو ٿي ويندو ته اڳلو شخص به ڪيترو نه مجبور هوندو! اسان جي معاشري ۾ کوڙ سارا اهڙا دردن جا ماريل انسان موجود آهن جن جي وَس آهر مدد ڪرڻ قلبي سُڪون ڏيندي. اهڙن ڏکايل انسانن منجھه پير جو ڳوٺ جو رهواسي الله بخش ناريجو به آهي. هن شخص جي زندگيءَ کي ڏسي پٿر دل انسان جي اکين ۾ به لڙڪ اچي ويندا. 65 سالن جي عمر کي رَسڻ واري هن بزرگ شخص پنهنجي زندگيءَ جي ڪُل ڪمائي پنهنجي ڪُل ڪائنات جيڪو سندس 15 سالن جي عمر جو پٽ فيض محمد ناريجو آهي تي واري ڇڏي آهي. الله بخش ناريجو جي گھرواري به ڪافي وقت اڳ هيءَ دنيا ڇڏي چڪي آهي. سندس هن ٻچي جو چيلھه کان هيٺيون حصو ڪم ڪرڻ ڇڏي ويو آهي. هٿن پيرن کان معزور آهي. هي پوڙهو پيءُ پنهنجي ٻچڙي جي خدمت ڪندو رهي ٿو. ڊاڪٽرن کان علاج ڪرائيندي پنهنجو الھه تلھه وڪڻي چڪو آهي. هاڻي ته وٽس کائڻ لاءِ به ڪونه بچيو آهي.کيس دنيا جي آرائش، دنيا جي مال ملڪيت، دنيا جي عياشي ۽ دنيا جي هر خوشيءَ سان ڪو سروڪار ناهي بس کيس فڪر آهي ته بس اهو آهي ته سندس مرڻ کان بعد هن معصوم لاچار پٽ جي سنڀال ڪير لهندو؟ ڪير کيس اٿاريندو ويهاريندو؟ ڪير کيس کارائيندو پياريندو؟ اهو خوف هر وقت تلوار بڻجي مٿس لٽڪيل رهي ٿو ته ڪٿي سندس موت سان گڏ هي معذور ٻچو لاوارث بڻجي موت کان پهريان مري نه پوي. آهي ڪو انسانيت جو دعويدار جيڪو هن ابي جي عمر جي بزرگ جا حال سُڻي؟ آهي ڪو جيڪو هن کان پڇي ته تو کي دنيا جي هر شيءِ بي مزو ڇو ٿي لڳي؟ آهي ڪو جيڪو سندس اکين منجھان هر وقت وهندڙ نير روڪي سگھي؟ آهي ڪو جيڪو هن سُورن جي سٽيل بزرگ جي درد جو ڪجھه ته دارو ڪري؟ آهي ڪو هيومن رائيٽس وارو جوڌو جوان جيڪو هن بزرگ جي مدد لاءِ آواز اٿاري؟ آهي ڪو جيڪو هن بزرگ کي آٿت ڏئي؟ آهي ڪو جيڪو پنهنجي ٻچڙن جو صدقو هن بزرگ کي ڏئي سندس ڏکايل دل منجھان نڪتل دعا وٺي؟ آهي ڪو جيڪو پنهنجي صدقي، خيرات يا زڪوٰت منجھان هن ڏکن جي ماريل دل جو درد ڪجھه گھٽائي سگھي؟ آهي ڪو جيڪو پنهنجي آخرت سنوارڻ لاءِ وڌي اچي هن مسڪين جي جھوليءَ ۾ ڪا ننڍڙي خوشي وجھي وڃي؟ آهي ڪو جيڪو هن هر وقت روئندڙ ابي جا لڙڪ اُگھي؟ هن ابي جي دل هر وقت روئندي اها فرياد ئي ڪندي رهي ٿي: او ٻچڙن وارؤ! منهنجي هن ٻچڙي جي سار لهو. منهنجي هن ٻچڙي جي علاج ۾ منهنجي مدد ڪريو. توهان کي الله سائين جيڪو مال ملڪيت ڏنو آهي انهيءَ منجھان ڪجھه خرچ ڪري منهنجي هن ٻچي کي ڪا خوشي ڏيو. مان به هڪ مجبور ابو آهيان، اگر توهان انساني همدردي ۽ انسانيت جي ناتي سَهي هڪ چانھه جي ڪوپ جي قيمت به مون کي ڏيندؤ ته منهنجو ڪجھه درد گھٽ ٿي سگھي ٿو. مان به هن مُلڪ جو باشندو جيتو جاڳندو انسان آهيان، مون وٽ به هڪ ابي جي دل آهي، بس فرق اهو آهي ته مان پنهنجي هن ٻچڙي جي علاج واسطي مجبور آهيان، توهان جو ڀاءُ آهيان خدارا! اگر سڀ گڏجي منهنجي مدد ۾ پنهنجي ٻچڙن جو صدقو ئي سَهي منهنجي جھوليءَ منجھه وجھندؤ ته ان جو بدلو احڪم الحاڪمين توهان کي دنيا ۽ آخرت ۾ ضرور ڏيندو. مان 22 ڪروڙ ڀائر ڀينرن جي هوندي ايئن اڪيلو نه ٿو ٺَهان! مون ئي ايئن لاوارث نه ڪريو. اٿو منهنجي مدد لاءِ اٿو! منهنجي مدد لاءِ آواز اٿاريو! مون کي دنيا جي ٻي ڪابه شيءِ نه ٿي کپي، بس صرف منهنجو هي معذور ٻچو گھمڻ جهڙو ٿئي ۽ اهو آءٌ پنهنجي اکين سان ڏسان، اها ئي تمنا آهي. هن بزرگ جي دل اندر ۾ رجھندي هوندي، هي بزرگ ظاهر ۾ خاموش به رهي پر پوءِ به سندس اندر ۾ ڇريون هلنديو هونديون. هن بزرگ کي هر وقت سندس ٻچي جو سُور آهي. پڙهندڙ کي منهنجو هٿ ٻَڌي عرض آهي ته هيترا سارا تاجر، ڪاروباري، نوڪرين وارا آهيون اگر پنهنجي ڪمائي منجھان ڪجھه هن بيوس کي ڏينداسين ته سندس اهنجائي ۾ ڪجھه گھٽتائي ضرور ايندي. اسان روزانو پنهنجي يارن دوستن ۽ ٻچڙن مٿان ڪيترو خرچ ڪريون ٿا، اگر پنهنجي آخرت سنوارڻ لاءِ هن مسڪين بزرگ کي صرف چانھه پيئارڻ جيتري مدد به ڪريون ته هوند سندس ڦٽيل دل منجھان جيڪا دعا نڪرندي اها اسان جو مقدر بدلائي سگھي ٿي. خدارا! اٿو اڳتي وڌو. هٿُ هٿَ سان ملائي وڌِي اچو، ڪمائڻ جو موقعو مليو آ. ڪمائي وٺو. لکين ڪماياسين لکين کپائي ويٺاسين. آخرت جي ثمر لاءِ هن بزرگ جي ڪجھه مدد ڪريون. سڀاڻي اسان به دنيا ڇڏڻ وقت هٿين خالي هونداسين. مهلت ملي آ، موقعو مليو آ ڪمائي وٺو. بعد ۾ پوءِ صرف حسرت ۽ ندامت هوندي ۽ اسان ڪفِ افسوس مليندا رهجي وينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو