خبر لکڻ وقت غير متعصب لفظن جي چونڊ ڪجي،پروفيسر

ڪنب (ن س) سمارٽ فون اچڻ بعد هر ماڻھو پنهنجو پاڻ کي صحافي ٿو سمجهي، سوشل ميڊيا جي اهميت کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي. اهڙو اظهار ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز جي پروفيسر دستار علي چانڊيو پريس ڪلب ۾ صحافتي اخلاقيات تي ليڪچر ڏيندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته صحافتي اخلاقيات انکي چئبو آھي ته هڪ صحافي کي پنهنجي رپورٽ ۾ لفظن جي غير متعصب چونڊ ڪري ۽ ڪوريج دوران سڀني ڌرين جي موقف سان گڏوگڏ اخلاقي قدر جو خيال رکيو وڃي. هن چيو ته خبر جي ٻولي اهڙي هجڻ گهرجي جيئن مخالف به پڙهي ته هن کي تڪليف محسوس نه ٿئي. ليڪچر پروگرام ۾ صحافين ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان کان اڳ مهمان جي آمد تي سندس شاندار آڌر ڀاءُ ڪيو ويو ۽ مٿس گلن جي ورکا ڪئي وئي. عوامي پريس ڪلب ڪنب جي صحافين صدر ناز سولنگي سيڪريٽري احمد علي رند غلام الله سيال پرويز احمد گوپانگ همٿ علي تمراڻي علي ڏنو سهاڳ علي شير بڙدي ڪاشف سولنگي صفدرچانڊيو  ۽ ٻين شرڪت ڪئي جڏھن ته آخر ۾ صدر ناز سولنگي پاران شاگردن ۽ آيل مهمانن جو شڪريو پڻ اداڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو