حڪومت ۽ اپوزيشن جو گڏجڻ وارو صفحو ڦاٽل آهي، شاهه

سکر (جئيرام داس) عمران خان عوام جو اعتماد وڃائي ويٺو آهي، سندس وائڙائپ تي ٻڌل بيان ٻڌائي رهيا آهن ته هو ناڪام ٿي ويو، پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه چيو آهي ته اپوزيشن جي ٻن جلسن عمران خان جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون، عمران خان هاڻي رڳو اپوزيشن خلاف انتقام تي لهي آيو آهي، وزيراعظم جي عهدي تي ويٺل ڪوبه ماڻهو اهڙيون ڳالهيون ناهي ڪندو، جيڪي عمران خان ڪري رهيو آهي، سکر جي احتساب عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته اپوزيشن خلاف ڪوڙا ڪيس آندا پيا وڃن، منهنجي خلاف داخل ڪيس اُن جو واضح مثال آهي، ريفرنس ۾ هيل تائين هڪ به ثبوت منهنجي خلاف پيش ناهي ٿي سگهيو. هن چيو ته عمران خان ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان رھيو آھي ھي ملڪ کي ھلائڻ جي خبر ئي ناهي، ڪيپٽن صفدر جي قائد اعظم جي مزار واري معاملي کي وڌائي پيش ڪيو ويو ، عمران خان کي اھا به خبر ناھي ته ڪمانڊر ڇا ھوندو آھي ھن چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پھريون دفعو باوردي پوليس ڪمانڊر کي حراست ۾ ورتو ويو ،ھاڻي مون کي اپوزيشن  ۽ حڪمران ڌر جو پاڻ ۾ گڏجڻ نا ممڪن نظر اچي رھيو آھي.هن چيو ته اپوزيشن ۽ حڪومت کي ھڪ پيج تي آڻڻ وارو صفحو ڦاٽل آهي. هن چيو ته احتساب جي نالي انتقام ورتو پيو وڃي، مان 14 مهينن کان قيد ۾ آهيان. ان کان اڳ خورشيد شاھ ۽ ٻين خلاف آمدني کان وڌيڪَ اثاثن واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، خورشيد احمد شاھ کي اين آئي سي وي ڊي اسپتال کان ايمبولينس ذريعي احتساب آندو ويو ، آمدن کان وڌيڪ اثاثا ريفرنس ڪيس ۾ خورشيد شاھ سميت نامزد ٻيا جوابدار به عدالت پيش ٿيا  عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ٻڌڻي 27 آڪٽوبر تائين  ملتوي ڪري ڇڏي  آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو