حڪومت ڇڏڻ يا اسمبلي تان استعيفيٰ فيصل پارٽي ڪندي، مينگل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ موجوده حڪومت جي اتحادي جماعت بلوچستان نيشتن پارٽي جي سربراهه سردار اختر مينگل چيو آهي ته احريون حالتون پيدا نه ڪريو جو مشرف وارو مور وري نچڻ شروع ڪري. اهڙو اظهار هن جيو ٽي وي سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته اڳ ۾ معاملو لاپته ماڻهن جو هو هاڻي عورتون به لاپته ٿين پيون. ڪنهن گهر ۾ ڪو اگر مجرم آهي ته ان جون عورتون به مجرم هجن. هن چيو ته حڪومت سان ڏيتي ليتي نٿا چاهيون اسين 6 نقطن تي عملدرآمد چاهيون ٿا جنهن جو هنن واعدو ڪيو آهي. ٻئي صورت ۾ پرائي شادي ۾ اسين ڇو نچون؟. آرمي چيف جي مدت ۾ واڌ بابت هن چيو ته حڪومت اڃا مشاورت ناهي ڪئي، قانون سازي لاءِ پهرين اسان کي قائل ته ڪريو. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته بي اين پي جي مرڪزي ڪميٽي جو جلد اجلاس گهرايو ويندو ۽ پارٽي حڪومت کان ڌار ٿيڻ يا پارليامينٽ مان استعيفيٰ بابت جيڪو فيصلو ڪيو ان تي عمل ٿيندو. هڪ سوال تي هن چيو ته اپوزيشن غير سنجيده آهي نه ته حڪومت ائين بي لغام نه هجي ها. هن چيو ته کيس نيون چونڊون يا ان هائوس تبديلي نظر نٿي اچي پر جيڪڏهن اپوزيشن چاهي ته ان هائوس تبديلي جي ڪوشش ڪري سگهي ٿي. ياد رهي ته اختر مينگل آواران مان گرفتار ڪيل 4 عورتن جي معاملي تي حڪومت کان علهدگي جي ڌمڪي به ڏني هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو