حڪومت پاران حديبيه پيپر ملز ڪيس جي ٻيهر جاچ جو فيصلو

اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو) حڪومت حديبيه پيپرز ملز ڪيس جي ٻيهر جاچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته ڪيس ۾ جاچ کي ٻيهر کولڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن کي هدايتون ڏئي رهيا آهيون ، حديبيه ڪيس شريف خاندان ۾ ڪرپشن جو سڀ کان اهم ذريعو آهي،هن ڪيس ۾ نواز شريف ۽ شهباز شريف اهم جوابدار آهن. هن چيو ته حديبيا مان پيسا ٻاهر موڪلڻ جو جيڪو طريقو استعمال ڪيو ويو اهو بعد ۾ هر ڪيس ۾ اختيار ڪيو ويو، هن ڪيس کي انجام تائين پهچائڻ تمام ضروري آهي. فواد چوڌري چيو ته قانوني ٽيم اڄ وزيراعظم کي شهباز شريف جي ڪيسن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ، حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته حديبيا پيپر ملز ڪيس ۾ نئين جاچ جي ضرورت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو