حڪومت مهانگائي تي ڪنٽرول ڪندي

تحرير شيرمحمد سولنگي

پاڪستان ۾ اهو الميو آهي ته ڪوبه اسلامي ڏڻ هجي ان تي مهانگائي وڌندي آهي هن سال ته حڪومت جي ڪارڪردگي نه هجڻ ڪري پاڪستاني شين جي ايڪسپورٽ رکجي ويئي آهي ۽ هر شئي امپورٽ ٿي رهي آهي ان ڪري اها مهانگي ملي رهي آهي رمضان  جي آخري عشري ۾ عام واھپي جي شين جي اگھن ۾ واڌ، غريبن جو دانهون ۽ سياسي، سماجي ماڻهو خاموش، رمضان بابرڪت ۽ رحمتن وارو مھينو آھي، سڄي دنيا ۾ رمضان جا روزا شروع آهن ۽ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ سستين شين جا پيڪيج ڏنا پيا وڃن، پر اسان جي ملڪ ۾ رمضان ايندئي عام واهپي جي شين جي اگھن ۾ واڌ چوٽ تي پھتي آھي، آخري عشري ۾  ان مھانگائي عوام کي ويتر پريشانين ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آھي جنھن ڪري غريب جي زندگي تي ان جا اثر صاف نظر اچي رھيا آھن، انھيءَ مھانگائي جي ڪري عام ماڻھو تمام گھڻو متاثر پيو ٿئي، مھانگائي جي ڪري روزمره جون شيون غريبن جي خريد ڪرڻ کان پري ٿينديون پيون وڃن، عوام انھن شين کي ڀلاري مھيني ۾ به خريد ڪرڻ کان پري آھي ۽ حڪومت جي نااھلي جو به چٽو ثبوت آھن، حڪومتي ناقص پاليسين جي ڪري ھر روز وڌنڌڙ مھانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي، ھن وقت رمضان جو مھينو ايندي ئي منافعي خور حرڪت ۾ اچي ويا آھن جن شين تي ٽئڪس جو بھانو بڻائي عام واھپي جون شيون چوٽ چاڙھي ڇڏيون آھن، بنا ڪنھن روڪٿام جي عوام جو رت چوسي رھيا آھن، جڏھن ته حڪومت رمضان مھيني ۾ شين جي اگھن ۾ گھٽتائي جو اعلان ته ڪندي آھي پر اهي اعلان صرف اعلان رهندا آهن، انهن تي عمل ناهي ڪيو ويندو، رمضان مھيني ۾ ڪنھن دڪاندار وٽ سرڪاري ريٽ واري تصديق ٿيل ريٽ لسٽ نه ھوندي آھي، جنھن ڪري دڪاندار پنھنجا اگھ مقر ڪري ڇڏيندا آھن، جنھن ڪري غريب عوام واھپي واريون شيون خريد نه ڪري سگھندو آهي. رمضان شريف نيڪين ڪمائڻ جو مھينو آھي پر ھن مھيني کي سرمائيدار ۽ منافعي خور پنھنجي ڪمائيءَ جو مھينو سمجھندا آھن ۽ شين جي اگھن ۾ وڏو واڌ آڻي ڇڏيندا آھن، حڪومت کي گھرجي مھانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ منافعي خورن خلاف ڪارروائي ڪري مهانگائيءَ تي ضابطو آندو وڃي، جڏهن ته اسان جي حڪومت ۾  پرائيز ڪنٽرول جو ڪو به سسٽم نه آهي قانون کي بهتر ڪرڻ سان اهو مسئلو حل ٿي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو