حڪومت اسٽيل ملز جي نجڪاري جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين اسٽيل ملز جي نجڪاري جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ٽن سالن ۾ جي ڊي پي ۾ واڌ جي شرح 6 سيڪڙو ڪئي ويندي. هن گذريل ڏينهن 8 وزيرن ۽ مشيرن جي ٽيم سان گڏ ڪيل پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته آءِ ايم ايف کي نه ڇڏينداسين ۽ ساڻن آڪٽوبر واري سالياني اجلاس ۾ روبرو ڳالهائينداسين. هن ڊگهي، وچولي ۽ ننڍي مدت لاءِ اقتصادي حڪمت عملي جو اعلا ڪندي چيو ته جيڪو ڪم اسد عمر شروع ڪيو ان کي نه ڪرڻ ڏنو ويو پر اسين اهو هر حال ۾ ڪنداسين. هن چيو ته ايڪسپورٽ جو ٽارگٽ 30 ارب ڊالر آهي، پرڏيهه مان ايندڙ رقم به وڌي ويندي.هن معيشت ۾ واچ بابت جوڙيل حڪمت عملي دوران 14 سيڪٽرز تي وڌيڪ فوڪس ڪرڻ جو اعلان ڪيو. چيو ته 10 نوان سيڪٽر ايڪسپورٽ ۾ حصو وٺندا جنهن بعد پاڪستان جا ايڪسپورٽ مرحليوار 40 کا 50 ارب ڊالر ٿيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو