حليم عادل جي وزيراعظم سان ترقياتي رٿائن بابت مشورا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سنڌ اسمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ خميس تي وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪري تازو سنڌ اسمبلي ۾ بجيٽ جي منظوري ۾ قانوني بي قاعدگين بابت بريف ڪيو. هن وزيراعظم کي سنڌ ۾ ٿيندڙ ڪرپشن ۽ آديٽر جنرل پاران نشاندهي ڪيل گهوٻين بابت آگاهه ڪندي چيو ته نيب کي سندن خلاف ڪاروائي جي هدايت ڪريو. هن ٿرپارڪر ۾ پيش آيل دودو ڀيل واقعي بابت به وزيراعظم کي بريف ڪيو. هن ڪراچي جي ترقياتي معاملن بابت به وزيراعظم سان مشورا ڪيا ۽ تجويزون ڏنيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو