حفاظتي ٽڪن جا مرڪز ڪورونا ويڪسين سينٽر ڊڪليئر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي صحت کاتي صوبي جي سمورن حفاظتي ٽڪن وارن مرڪزن کي ڪورونا ويڪسينيشن سينٽر ڊڪليئر ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سمورن ضلعي صحت جي آفيسرن ۽ ايم ايس کي حڪم ڏنا آهن ته هر ضلعي جي حفاظتي ٽڪن جي  مرڪز کان ڪورونا ويڪسين به لڳرائي سگهجي ٿي. سمورن ضلعن جي صحت افيسرن جي آفيسن ۾ ڪنٽرول روم ٺاهيا ويندا ۽ نجي اسپتالن ۾ به ويڪسينيشن سينٽر ٺاهيا ويندا.ڊي جي هيلٿ ويڪسين جي ڪولڊ چين مينجمينٽ کي لازمي برقرار رکڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جا حڪم به جاري ڪري ڇڏيا آهن ان کان علاوه سمورن مرڪزن ۾ بجلي ۽ ٽيليفون جا انتظام ڪرڻ  جو به چيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو