حد دخلين خلاف آپريشن، دوڪاندارن جون دانهون

روھڙي (امان الله سومرو) ڪنڌرا اندر ڊپٽي ڪمشنر سکر رانا عديل، اسسٽنٽ ڪمشنر روھڙي نبيل رياض سنڌو، مختيار ڪار روھڙي سيد زاھد حسين شاھ سميت روينيو کاتي جا آفيسر، پوليس ۽ وڏي مشينري جي مدد سان مين شاھي بازار اندر قائم پڪي تعميرات کي غير قانوني قرار ڏئي مسمار ڪري ڇڏيو. ڊپٽي ڪمشنر سکر جي موجودگي ۽ سندس حڪم تحت ھڪ درجن کان وڌيڪ دوڪان، ٻن شاپنگ سينٽرن ۾ موجود دوڪان ۽ ڪيترن ئي دوڪاندنن ٻاهران ٺھيل ڇپرن کي مسمار ڪيو ويو آهي. حد دخلين خلاف آپريشن بنا رڪي ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين جاري رهيو جڏهن ته آپريشن دوران دوڪاندار پنهنجي دوڪانن اندر موجود سامان ۽ مسمار ٿيل دوڪانن جو قيمتي سامان ٻاهر ڪڍڻ ۾ مصروف رهيا. اھڙي سلسلي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر روھڙي نبيل رياض سنڌو ۽ مختيار ڪار روھڙي سيد زاھد حسين شاھ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڪنڌرا شهر ۾ قائم تمام غيرقانوني حد دخليون مسمار ڪري ڪنڌرا شهر کي خوبصورت ۽ روڊ رستن کي ڪشادو بڻايو ويندو ته جيئن ٽريفڪ جي رواني ڪنهن به طريقي سان متاثر نه ٿي سگهي ٻئي پاسي متاثر دوڪاندارن پاران الزام لڳايو ويو آهي ته انتظاميه پاران ھڪ طرفي ڪارروائي ڪئي وئي آهي ۽ سندن وڌيڪ چوڻ هو ته بااثر ۽ سياسي اثر رسوخ رکندڙ دوڪاندارن ۽ بنگلن کي مسمار ناهي ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو