حد دخلين جي اوٽ ۾ شهرين جي اربين روپين جو نقصان، سنڌ حڪومت معاوضو ڏئي

لاڙڪاڻو (ن س) لاڙڪاڻي شهر جي يو سي 10 ۽ 11جي ڪوثر مل محلي ،حيدري محلي ،حسيني محلي سميت ٻين علائقن ۾ ضلع انتظامیہ جي حڪم تي حددخلين هٽائڻ جي بهاني ڪيترين ئي عمارتن گهرن، اوطاقن ۽ دڪانن کي مسمار ڪري پٽ ڪيو ويوآهي.  شهرين جو اربين روپين جو مالي نقصان، شهر جي وسيل آبادين کي ڊاهي پٽ ڪرڻ کان پوءِ علائقا کنڊرات جو ڏيک ڏيڻ لڳا، شهرين جي دعويٰ آهي ته اسان 100 سالن کان انهن علائقن جا رهائشي آهيون ۽ پنهنجون خريد ڪيل جڳهيون ورتل آهن انهيءَ لاءِ حڪومت سنڌ اسان جي جاين جي نقصان تي متبادل جايون يا معاوضو ڏئي بي گهر ٿيڻ کان بچايو وڃي. شهرين ذوالفقار علي مارفاڻي، قربان علي، احمد نواز سانگي ۽ ٻين چيو ته لاڙڪاڻي شهر ۾ هر طرف حددخلين هٽائڻ جي بهاني شهرين جو اربين رپين جو مالي نقصان ڪيو ويو آهي ۽ هڪ صدي پراڻن گهرن، دڪانن کي پٽ ڪيو ويو آهي ايتري قدر جو الله جي گهر مسجدن کي به شهيد ڪيو ويو آهي پر ترقياتي منصوبن جي اڃان تائين ڪابه ڳالهه نه ڪئي وئي آهي. جنهن ڪري شهري پنهنجن شهرن ۾ ئي لاوارث بڻجي ويا آهن. شهرين مطالبو ڪيو ته لاڙڪاڻو شهر کي خوبصورت بڻائڻ لاءِ عملي اپاء ورتا وڃن نه ته سخت احتجاج ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو