حديبه پاناما کان وڏو ڪيس آهي،فواد

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري حديبيه پيپر مليز ڪيس کي پاناما پيپرز کان وڏي ڪهاڻي قرار ڏئي ڇڏيو آهي.ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو آهي ته حديبيه پيپر مليز ڪيس تقريبن 124 ملين روپين جي فراڊ  جي ڪهاڻي آهي ۽ اهو ڪيس پاناما کان به وڏو آهي.  ان جي شروعات 2000 ۾ ٿي جڏهن نيب حديبيه پيپرز جي خلاف ريفرنس داخل ڪيو. نيب نشاندهي ڪئي آهي ته شريف خاندان رياستي ۽ حڪومتي ادارن جي اکين ۾ مٽي وڌي، ڪيس احتساب عدالت ۾ آيو ته شريف فيملي ڊيل ڪري سعودي عرب هلي وئي.هن چيو ته 2006/9 ۾ معاملو ٻيهر اٿاريو ويو ته پيپلز پارٽي ۽ (ن) ليگ مڪ مڪا ڪري ڪيس کي ٻيهر روڪرائي ڇڏيو. چيو ويو ته ڪيس نٿو هلي سگهي. نيب چيئرمين جي صحيح نه آهي. ڪارروائي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪئي وئي ته 2 رڪني بينچ گڏيل فيصلو ٻڌايو. ريفري جج ڪيس بند ڪرائڻ جي راءِ جي حمايت ڪئي ته ڪيس 2014 ۾ بند ڪيو ويو.فواد چوڌري چيو ته ايتري تفصيلي جاچ کان پوءِ ان ڪيس جو هڪ ڏينهن به عدالتي ٽرائل ناهي ٿيو. ڪيس بند ڪرڻ جو فيصلو ڏيندڙ جج صاحب جا به پرڏيهي ملڪن ۾ اثاثن جا انڪشاف سامهون آيا پر بدقسمتي سان ان جج صاحب جي خلاف به ڪا ڪارروائي نه ٿي. اميد آهي ته عدليه ان ججن تي ڪارروائي ڪندي جنهن شريف فيملي جي مدد ڪئي. انصاف جي تقاضا آهي ته سمورا ادارا پنهنجو ڪردار ادا ڪن. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته ان ڪيس ۾ هاڻ ڪجهه نيون حقيقتون به سامهون آيون آهن جن تي جاچ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو