حافظ ارشد انڍڙ جي نئين ڪتاب جي مهورتي تقريب، مقررن پاران کيس ڀرپور داد

پنوعاقل( ن س) سنڌ جي نامياري محقق، اديب، دانشور، مذھبي اسڪالر اڳوڻي ايڊيشنل سيڪريٽري ايجوڪيشن پروفيسر حافظ ارشد انڍڙ جي نئين ڪتاب “ اقوال رسول” جي مھورتي تقريب ڳوٺ عبدالغفور انڍڙ ۾ ٿي گذري. ڪتاب جي مھورت مولانا عبد الوھاب چاچڙ، پروفيسر سرور سيف، چيف سردار مير محمد مراد خان بُلو ، ۽ ميان محمد عابد انڍڙ ڪئي، جنهن کان پوءِ حافظ ارشد انڍڙ تقريب ۾ آيل مھمانن جو شڪريو ادا ڪيو. هن ان موقعي تي ڳالھائيندي چيو ته رسول الله صلي الله عليه وسلم جي جيتري سيرت بيان ڪجي ايتري گھٽ آهي ڇو ته ان جي سموري زندگي جو ھر لمحو تاريخ ۾ لکڻ جھڙو آهي، رسول الله صلي الله پنهنجي سموري ڄمار ۾ ڪيتريون ئي جنگيون وڙهيون جيڪي به حديث ۾ بيان آهن. مولانا عبد الوھاب چاچڙ چيو ته حافظ صاحب جي لکيل ڪتاب اقوال رسول، حديث مبارڪن جو سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪري پيش ڪرڻ وڏو تاريخي ڪم آهي، پروفيسر سرور سيف چيو ته سنڌ عظيم شخصيتن کي جنم ڏنو حافظ ارشد انڍڙ جو به عظيم شخصيتن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي اڳواڻ سينيئر صحافي پريل دايو چيو ته حافظ صاحب جي ڪتاب جي مھورتي تقريب سندس جي خاندان وارن منعقد ڪئي آهي پر اها تقريب ڪنهن تنظيم کي منعقد ڪرڻ گهرجي ها. هن وڌيڪ چيو ته حافظ صاحب پاڻ به هڪ تنظيم ۽ ادارو آهي۽ رسول الله صلي الله جي اقوال هن سنڌي ترجمي ۾ محفوظ ڪري نئون باب رقم ڪيو آهي. هن چيو ته حافظ صاحب ھونئن ته تعليم کاتي جي مڙني عهدن تي وقتن بوقتن عوام جي خدمت ڪئي آهي، پر هي ڪتاب لکي پنهنجي زندگي ۽ آخرت کي وڌيڪ بهتر بڻايو آهي. محقق پروفيسر ڊاڪٽر عبدالوحيد انڍڙ، سيد گل محمد شاھ، پروفيسر سڪندر علي مھيسر، ميان محمد عابد انڍڙ، ڊائريڪٽر( PSO) سکر ميان محمَّد صالح انڍڙ، پروفيسر مولوی سلیم اللہ قاضی زبير انڍڙ ، ۽ ٻين حافظ ارشد انڍڙ جي ڪتاب تي روشني وڌي، قاري ضمير چاچڙ قرآن پاڪ جي تلاوت سان تقريب جي شروعات ڪئي جنهن کان پوءِ عبدالجبار انڍڙ نعت رسول ﷺ پڙهي  ياسين چني شعر پيش ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو