جيو ۽ جنگ گروپ جو مالڪ مير شڪيل نيب هٿان گرفتار

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) جنگ گروپ جي مالڪ مير شڪيل الرحمان کي نجي ماڻهن کان مبينه طور غير قانوني پراپرٽي خريدڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. جيو جي ترجمان جو چوڻ آهي ته 34 سال اڳ پرائيوٽ پراپرٽي جي ڪيس ۾ غير قانوني طور گرفتار ڪيو ويو آهي. نيب جو چوڻ آهي ته 1986 ۾ ميان نواز شريف اختيارن جو غلط استعمال ڪندي 54 ڪنال ايراضي رعايتي ريٽ تي الاٽ ڪئي هئي. مير شڪيل کي جاچ لاءِ گهرايو هو اطمينان بخش جواب نه ڏئي سگهيو ان ڪري کيس گرفتار ڪيو ويو آهي. جيو ترجمان جو چوڻ آهي ته ان پراپرتي جا سمورا دستاويز، ادا ڪيل ٽيڪس جو ريڪارڊ نيب کي فراهم ڪيو آهي، طلب ڪرڻ تي ٻه ڀيرا مير شڪيل نيب ۾ پيش ٿيو ۽ ٻئي پيشي تي کيس گرفتار ڪيو ويو  آهي. ترجمان موجب جيو تي نيب خلاف پروگرام هلڻ تي نيب وارن لکت ۾ چيو ته هي هڪ آئيني ادارو آهي ان تي تنقيد نٿي ڪري سگهجي. جيون ۽ جنگ جي هڪ درجن عملي کي حراسان ڪرڻ لاءِ نوٽيس موڪليا ويا ۽ چينل بند ڪرڻ لاءِ پيمرا به نوٽيس ڏنا. ترجمان موجب هو قانون موجب عدالت ۾ ڪيس جو مقابلو ڪري بيگناهي ثابت ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو