جين ٿراپي ذريعي اکين جو نور بحال ڪرڻ جو علاج

لنڊن(ويب ڊيسڪ) سائنسدانن ڄائي ڄم کان اکين جي نور کان محروم ماڻهن جو علاج دريافت ڪري ورتو آهي ۽ لنڊن ۾ جين ٿراپي ذريعي ان جو علاج شروع ڪيو ويو آهي. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته پيدائشي طور جن ۾ وراثتي بيماري طور ڪنهن به ماڻهو جي نظر بلڪل ختم آهي، يا گهٽ آهي، رنگن جي سڃاڻپ ۾ مسئلو آهي يا وري ڇپڪوري آهي ۽ رات جو نظر نٿو اچي ته انهن سڀني مرضن جو جين ٿراپي ذريعي علاج ممڪن آهن. هن علاج جي طريق ذريعي جيڪي نظر جا سيل ڪمزور يا مري وڃن ٿا انهن کي اکين ۾ داخل ڪري انهن کي زندهه ڪيو وڃي ٿو. پروفيسر ميڪ لارين جنهن ميٿيو ووڊ نالي مريض جي پهريون آپريشن ڪيو تنهن جو چوڻ آهي ته برطانيا جي نيشنل هيلٿ سروس هن طريقه علاج جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ هي انهن ماڻهن خاص ڪري ٻارن جن جي ٿوري به نظر باقي آهي انهن لاءِ ڪرشماتي علاج آهي.بي بي سي کي ڏنل انٽرويو ۾ هن جو چوڻ آهي ته جن جي مڪمل طور نظر ختم آهي انهن لاءِ هي علاج لاڀائتو ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو