جوڳي محلي ۾ ڪرنٽ لڳڻ ۽ خود ڪشي سبب 2 ڄڻا فوت

رتوديرو(عطاءاللہ بروھي) جوڳي محلي ۾ نوجوان بجلي ٺاھيندي ڪرنٽ لڳڻ ڪري ٿنڀي تان ڪري فوت ٿي ويو جڏهن ته ساڳئي پاڙي ۾ هڪ ٻئي نوجوان قرضين کان تنگ ٿي خودڪسي ڪري ڇڏي. جوڳي محله جو رھواسي 50 ورھين جو ھادي بخش ولد محمد ابراھيم سولنگي گهر ٻاھران بجلي جي پول تي چڙھي بجلي ٺاھي رھيو ھيو ته کيس بجلي جي تارن مان ڪرنٽ لڳڻ ڪري سخت زخمي ٿي پيو. زخمي حالت ۾ کيس رتوديرو تعلقه اسپتال نيو پئي ويو ته ھُن زخمن جا سور نه سھندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. تعلقه اسپتال رتوديرو مان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. فوتي جو لاش گهر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.

***ٻئي ڌار پيش آيل ساڳئي پاڙي جو رھواسي 35 سالن جو بچل پٽ غلام قادر سناڻي پاڻ تي پسٽل جو فائر ڪيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي جي لال بتي اسپتال نيو ويو. جتي ھن زخمن جا سور نه سھندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. فوتي جي وارثن ميڊيا سان ڳالھائيندي ٻڌايو ته فوت ٿي ويل بچل قرضين مان تنگ اچي اھڙو قدم کنيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو