جوهي ڀان روڊ تي ٽرڪ عورت کي چيڀاٽي ڇڏيو

جوهي( رپورٽ منصور گاڏهي)ڪاڇي جي ڳوٺ هوت خان شاھاڻي جي رهواسي ماءُ پٽ سان حادثو 55 ورهين جي عورت فوت ٿي وئي پٽ سخت زخمي. جوھي ڀان روڊ سان نجف شاھ جي مڪان وٽ تيز رفتار موٽر سائيڪل تان بريڪ ڏيڻ تي عورت تيز اسپيڊ سبب ڪري پئي پويان ايندڙ ٽرڪ عورت مسمات جيوي شاھاڻي مٿان چڙھي وئي چيڀاٽجڻ ڪري عورت موقعي تي فوت ٿي وئي، عورت پنھنجي پٽ مقبول شاھاڻي سان گڏ ڳوٺ کان شھر اچي رھي ھئي، عورت جيوي شاھاڻي جي ميت کي شھرين تعلقي اسپتال پھچايو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران موت جي تصديق ڪئي وئي آهي جڏهن ته ٽرڪ ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو،  پوليس پاران ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي تي بيهاري ڇڏيو آهي آخري اطلاعن تائين ٿاڻي تي واقع جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو