جنرل مرزا اسلم بيگ جون اقتداري مجبوريون

ليکڪ   محمد حنيف جنرل مرزا اسلم بيگ جي ڪتاب جو نالو ٻڌي ٿوري حيرانگي ٿي، ھن جي ڪتاب جو عنوان آھي ”اقتدار جون مجبوريون“. حيرت ان ڪري جو اسلم بيگ جي سڃاڻپ جو سبب ئي اھو آھي تہ ھڪ سنھري موقعو ھوندي بہ ھن اقتدارحاصل نہ ڪيو. ايتري تائين جنھن وقت ھن پنھنجي چيف جنرل ضياالحق کي بھاولپور ۾ خداحافظ ڪيو ۽ اھو چئي ان جاءِ تان نڪري آيو تہ مون وٽ پنھنجو جھاز آھي. ھو قوم کي مسلسل اھو ٻڌائيندو رھيو تہ مان مارشل لا ھڻي پيو سگهان پر مان نہ ھنئي، مان اقتدار سنڀالي پيو سگهان پر مان اقتدار تي قبضو نہ ڪيو. مون کي ياد پوي ٿو تہ محترمہ بينظير جنرل اسلم بيگ سان گڏوگڏ پوري فوج کي مارشل لا نہ ھڻڻ تي تمغہ جمھوريت بہ ڏنو ھو. ان وقت بہ ڪنھن چيو ھو تہ بي بي ان کي تمغو ڏئي رھي آھي يا ٽونڪ ڪري رھي آھي. ڪتاب جي شروع ۾ ئي جنرل اسلم بيگ وضاحت ڪري ڇڏي آھي تہ اقتدار جون مجبوريون حقيقت ۾ جنرل ضيا الحق جا لَفظَ آھن جيڪي ھن ان وقت چيا جڏھن جنرل بيگ ھن کي راضي ڪري رھيو ھو تہ ھو مارشل لا ختم ڪري جمھوريت بحال ڪري. جنرل ضيا ھي بہ چيو ڇا مون کي ڦاسي تي چاڙھيندي، جنرل ضيا جنرل اسلم بيگ جي ڳالھ نہ مڃي ۽ ھي سنھري لفظ چئي ھليو ويو ان کان پوءِ جنرل ضيا جو انجام سڀني جي اڳيان آھي. جيڪڏھن ڪو چوي تہ جنرل صاحب جي ڪتاب جو ٻن لَفظَن ۾وضاحت ڪيو تہ اھا ھي آھي جنھن جنرل اسلم بيگ جي ڳالھ کي نہ مڃيو ان جو انجام خراب ٿيو. ان ۾ ڀٽو صاحب، بي بي صاحبہ، نواز شريف، سپريم ڪورٽ جا گهڻائي جج، اصغر خان، روس، آمريڪا بہ شامل آھن ۽ جنرل پرويز مشرف بہ جنھن ھڪ ميٽنگ ۾ جنرل اسلم بيگ جو خطاب ٻڌو۽ اھڙو تہ چُپِ ٿي ويو جو اڄ تائين چپ آھي. ڪتاب آھي تہ جنرل اسلم بيگ جي پر ھي سوانح عمري ناھي. فوج جي مشھور مزاحيہ ۽ اديب ڪرنل اشفاق حسين تحرير ڪيو آھي. ھن جي مطابق جنرل بيگ سان پي ايم اي ڪاڪول ۾ گذاريل ڪجه ڏينھن جون ڳالھيون معلوم ڪرڻ ويو ھو پر ڳالھ ٻولھ جي سلسلي ھن ڪتاب جي شڪل اختيار ڪئي. ھي اھڙي ئي ڳالھ آھي جئين اوھان ھڪ رستي تان گذرندڙ کان رستو معلوم ڪيو ۽ ھو پنھنجي گاڏيءَ جو دروازو کولي اوھان کي پنھنجي گاڏيءَ ۾ ويھاري چوي اچو تہ مان اوھان کي ڇڏي ٿو اچان. جنرل اسلم بيگ مارشل لا نہ ھڻي ڪري اس جي قوم کي اسٽريٽيجڪ ڊيپٿ جو تحفو ڏنو ھو. دفائي تجزيہ ڪارن اسان کي سمجهايو تہ ان جو مطلب اھو آھي جڏھن انڊيا اسان تي حملو ڪندو ۽ افغانستان اسان جو ڀاءَ آھي ان ڪري اسان انھن جي سرزمين پنھنجي بچاءَ لا استعمال ڪندا سين. يعني اسان پنھنجو اسلحو، بارود،جنگي جھاز افغانستان موڪلي اتان دشمن جو مقابلو ڪنداسين. ھن ڪتاب ۾ بيگ صاحب دعوا ڪئي آھي تہ ھن جو نظريو سچ ثابت ٿيو آھي ۽ جنھن طريقي سان ھنن ثابت ڪيو آھي ان مان لڳي ٿو ھو نہ صرف عسڪري سامان پر پوري قوم کي افغانستان پھڇائيندا. پوءِ پاڪستان ۾ ھو پنھنجي چار ستارن وارن ساٿين سان ڪھڪشان گولف راند کيڏندا ۽ سڄي دنيا مڃيندي تہ چرچل کان پوءِ ڪو ماڻھون آيو ھو تہ اھو بيگ ھيو. جنرل بيگ صاحب ۾ چرچل جون خصوصيات جنرل اشفاق نہ پر بيگ صاحب پاڻ ئي ڳوليون آھن. ھي ڪتاب پنھنجي منھن ميان مٺو ٿيڻ ۽ پنھنجو تعارف ڪرائڻ جو بھترين مجموعو آھي. ھڪ صفي تہ جنرل صاحب چئي ٿو روس جي ھارائڻ ۽ ٽٽڻ ۾ ھن جو بہ ڪردار آھي ۽ وري  ٿورو اڳتي ھلي شڪايت ڪري ٿو تہ حڪومت منھنجي سياسي چرپر کان پريشان ٿي ڪري باورچي مون کان واپس ورتو ويو.اقتدار حاصل نہ ڪرڻ، اليڪشن ۾ ڦير ڦار نہ ڪرڻ ۽ پنھنجي مرضيءَ سان ريٽائر ٿيڻ کان پوءِ جنرل بيگ ھڪ غيرسرڪاري تنظيم ”فرينڊز“ جي نالي سان ٺاھي ھئي. جنرل مشرف ان جي مقبوليت مان ايترو پريشان ٿيو جو ان جي امداد بند ڪرائي ڇڏي ۽ سڀ دوست فرينڊز ڇڏي ھليا ويا. اوھان کي شايد خبر ھجي جنرل بيگ عوامي قيادت پارٽي جي نالي سان ھڪ سياسي جماعت پڻ ٺاھي جنھن جي بينظير ڀٿو صاحبہ سان سيٽ اڊجسٽمنٽ بہ ٿي وئي ھئي ( جنرل بيگ جي پارٽي کي قومي اسيمبليءَ ۾ ست سيٽون ملڻيوھنيو) پر جيالن انڪار ڪيو. ٻين جماعتن سان بہ اتحاد جڙيو پر جڏھن ھو اجلاس ۾ پنھنجا نظريات پيش ڪري تہ وري ٻيا سياسي رھنما سياست جي ڳالھ شروع ڪن. ملڪ جي سياستدانن مان مايوس ٿي ڪري جنرل بيگ اخبارن ۾ مضمون لکڻ شروع ڪيا، مشرف جي پريشاني انھن کي بہ بند ڪرائي ڇڏيو. جنرل بيگ کي پنھنجي ذات، پنھنجي ملڪ، پنھنجي محڪمي ۽ پنھنجي ذاتي منصوبن، دلچسپيءَ کان وڌيڪ ڪنھن سان محبت ھئي تہ اھا صرف افغان طالبان سان ھئي ۽ آھي. ھو طالبان کي اسلام جي تڪليفن، پريشانين ۽ مسلمانن جي عروج جي شروعات جو ذريعو چئي ٿئي. چرچل وارين خصوصيتن جي بارجود ھن جو خواب ملان عمر ٿيڻ آھي.( جيڪڏھن ملان عمر کي گولف کيڏڻ ۽ پنھنجو جھاز رکڻ جو شوق ھجي ھا تہ شايد ھو جنرل اسلم بيگ ٿيڻ پسند ڪري ھا). افعان طالبان سان ايتري محبت جي باوجود ھو پوري ڪتاب ۾ افغان ۽ افغانين جو محاورو استعمال ڪري ٿو جنھن کي افغاني پنھنجي بي عزتي سمجهن ٿا. شايد چرچل وارين خوبين واري ھن جنرل مسيحا کي اجازت آھي تہ ھو جھڙي چاھي تھڙي زبان استعمال ڪري. ريٽائرمينٽ کان پوءِ جنرل بيگ جي زندگي جو بھترين وقت اھو ھيو( يااللھ تنھنجو شڪر مون کي ايتري عزت ڏيڻ جو) جڏھن رچرڊ آرميٽاج ھن سان ملڻ ھن جي گهر آيو. ھي اھو ئي آرميٽاج ھيو جنھن مشرف کي ڌھمڪي ڏني ھئي تہ پاڪستان تي بمباري ڪري ان کي پٿر جي زماني ۾ پھڇائي ڇڏيندس. (رچرڊ کان پھريان بہ ھڪ ٻيو مشھور ماڻھون جنرل بيگ جي گهر آيو ھو ۽ اھو الطاف حسين ھيو پر ان جا ٽيبل مينرز جنرل صاحب جي زال کي پسند نہ آيا. جنرل بيگ پنھنجي سياسي ڪيريئر ۾ ھڪ دفعو ايم ڪيو ايم جي اعظيم طارق سان ملي ڪري بہ تنظيم جوڙڻ لاءِ سوچيو پر اعظيم طارق جنرل بيگ کان لنوائي ويو. پوءِ ڇا ٿيو انجام عظيم طارق جو). رچرڊ آرمٽياج پاڻ حاضر ٿيو ھو تہ اسان جون طالبان سان ڳالھيون شروع ڪرايو. جنرل بيگ آئي ايس آئي واري مشھور ڪرنل امام کي گهر سڏرائي رچرڊ سان ملاقات ڪرائي. پر ڪرنل امام کي اڪيلي ۾ ھي صلاح بہ ڏني تہ ھي ماڻھوخطرناڪ اٿئي ۽ اسان جا سرحدي علائقي ۾ حالات خراب آھن. ڪرنل امام ڳالھيون ڪرائڻ لاءِ ويو پر ڪڏھن بہ واپس نہ موٽيو. مون کي شايد اھو پھريان ئي اوھان کي ٻڌائڻ گهرجي ھا جنھن جنرل بيگ جي ڳالھ نہ مڃي ان جو انجام خراب ئي رھيو. ڪرنل اشفاق جنٽلمين بسم اللھ، جنٽلمين الحمداللھ ۽ ٻين ڪيترين ئي ڪتابن جو ليکڪ آھي. ان جي لکڻ جو انداز نرم آھي ۽ ھو فوجي زندگي جي باري ۾ ان طرح سان لکي ٿو جو سولين پڙھندڙ بغير ڪنھن خوف جي کِلي ٿا پون. پر اقتدار جون مجبوريون پڙھندي مون کي خيال آيو تہ ڪرنل صاحب کي ھن ڪتاب جو نالو جنٽلمين استغفراللھ رکڻ گهرجي ھا وري جڏھن ڪتاب جي پوئيان ڏٺو ۽ معلوم ٿيو ان نالي سان ڪرنل صاحب اڳ ۾ ئي ڪتاب لکيو آھي. ڪنھن مجبوري تحت جيڪڏھن اوھان کي اقتدار جون مجبوريون پڙھڻو پوي تہ مون ونگر شايد اوھان جي دل ۾ بہ ھي خواھش پيدا ٿئي اللھ اھو ڏينھن اسان سڀني لاءِ آڻي جڏھن اسان پنھنجي باس کي چئي سگهون اللھ حافظ مان پنھنجي جھاز تي وڃان ٿو. (هي مضمون ناليواري اديب ۽ صحافي محمد حنيف بي بي سي اردو لاءِ لکيو جيڪو جاويد سولنگي سنڌيار لاءِ ترجمو ڪيو.) jawaid1_solangi@yahoo.com

پهنجو تبصرو موڪليو