’جنرل ماهره‘ تي تنقيد، نگار سان ڪردار نٿو ملي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ماهره خان تي پاڪستان جي پهرين عورت ليفٽيننٽ جنرل نگار جو ڪردار ادا ڪرڻ تي تنقيد ڪئي پئي وڃي. اڪثر ماڻهن جو خيال آهي ته ماحره جي شڪل صورت نگار سان نٿي ملي ۽ ان ٽيلي فلم ۾ جيڪڏهن نگار جي هم شڪل اداڪارا کي اهو رول ڏنو وڃي ها ته بهتر ٿئي ها. آءِ ايس پي آر جي تعاون سان ٺهيل ٽيلي فلم ’هڪ آهي نگار‘ جو پهريون ٽيزر 14 آگسٽ تي جاري ٿيو هو پر ان تي ايتري تنقيد ناهي ٿي جيتري ٻئي جاري ڪيل ٽيزر تي ٿي آهي. هي ٽيلي فلم اي آر واءِ تي ڏيکاري ويندي. ياد رهي ته فوج جي ميڊيڪل شعبي ۾ پهرين عورت ٿري اسٽار جنرل نگار کي ترقي ملي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو