جنازي نماز ۾ فائرنگ 10 ڄڻا قتل ڪيترائي زخمي

پشاور (ويب ڊيسڪ) دير جي ڳوٺ چيراگلئي ۾ جنازي جي نماز دوران فائرنگ سبب 10 ڄڻا مارجي ويا. پوليس موجب جهنگ جي زمين واري پراڻي تڪرار سبب هي واقعو پيش آيو آهي. جنازي نماز ۾ ڌريون آمهون سامهون ٿيون ته هڪٻئي مٿان فائرنگ شروع ڪري ڏني. واقعي بعد پوليس علائقي کي گهيري جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي. ڊي پي او ميان نصيب جان فائرنگ سبب 10 ڄڻن جي مارجي وڃڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ڏکوئيندڙ واقعي ۾ ڪيترائي عام شهري به زخمي ٿيا آهن. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ راولپنڊي جي علائقي چونترا ۾ به زمين جي تڪرار تان فائرنگ ڪري عورتن ۽ ٻارن سميت 9 ڄڻن کي قتل ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو