جماعت اسلامي پاران مهانگائي خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاج

ٽنڊوباگو(ن سنڌيار) جماعت اسلامي جي مرڪزي سڏ تي ملڪ ۾ مهنگائي خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. جماعت اسلامي ٽنڊوباگو پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ضلعي بدين جي نائب امیر مولوي عبدالڪريم بليدي، مولوي محمد حسن بليدي، محمد اسماعيل ڪنڀار ۽ عبدالستار ڪنڀار جي اڳواڻي ۾  ٽنڊوباگو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت ملڪ ۾ حد کان وڌيڪ مهنگائي ڪري عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. مهنگائي کان مجبور ٿي غريب ماڻهو خودڪشيون ڪري رهيا آهن. مهنگائي تي ڪنٽرول نه ٿيو ته مجبور ٿي عوام حڪمرانن خلاف سول نافرماني جي تحريڪ شروع ڪري ڏيندو. هنن چيو ته ملڪ هڪ طرف بدامني عروج تي آهي ته ٻي طرف مهنگائي جي طوفان سبب غريب ماڻهو پنهنجي ٻچن کي کوهن ۽ واهن ۾ اڇلي رهيا آهن رهيا آهن. هنن چيو ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ آرمي چيف کي اپيل ٿا ڪريون ته سنڌ ۽ پاڪستان جي غريب ماڻهن کي مهنگائي سبب مرڻ کان بچايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو